ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخڀار طرفان مليل عنوان منشيات کان پاڪ سنڌ
سنڌي ميڊيا جي تمام بھترين چينل ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ھميشھ سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪندي ھر مسئلي کي اجاگر ڪيو آھي اسان جس پيش ٿا ڪريو محترم علي قاضي کي جنھن ھر سال جيان ھن سال به قومي عيد سنڌ ۽ سنڌين سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي. نه صرف اعلان ڪيو آھي پر موجودھ حالتن کي مد نظر رکي تمام بھترين عنوان منشيات کان پاڪ سنڌ ڏنو آھي جنهن بعد پوري سنڌ ان بھترين سلوگن رکڻ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ان سڏ کي لبيڪ چوندي تمام گھڻوساراھيو آھي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ منشيات جو آزار وڌيل آھي جنهن کي شعور سان قابو ڪرڻ جي ضرورت آ. ڪاليج ھجن يا اسڪول اسپتالون ھجن دفتر ھجي گھر ھجي يا اوطاق جٿي ڪاٿي منشيات جو آزار آھي جنهن سبب جنسي ڏاڍائي، قتل ۽ ناجائزيون وڌي ويون آھن. سائين علي قاضي ۽ سندس پوري سٿ سنڌ جي ماڻھن کي ان شعوري سلوگن ڏئي اھو پيغام ڏنو آھي ته منشيات اسان ۽ اسان جي نسلن لاء خطرناڪ ۽ جان ليوا آھي. اچو ته پنهنجي ڌرتي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي وطن جي ماڻھن کي منشيات کان پاڪ ڪريون.
محمد صفدر سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ نوشھروفيروز
27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ ۾ اُڀرندڙ احتجاج
پاڪستان جي سياسي افق تي هر نئين آئيني ترميم سان گڏ هڪ نئون بحث جنم وٺندو آهي ۽ 27هين آئيني ترميم پڻ اهڙي ئي تڪراري ڪوشش طور ظاهر ٿي آهي، جنهن خلاف سنڌ جي وڪيل برادري ۽ قومپرست اڳواڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن. اهي حلقا الزام لڳائين ٿا ته تجويز ڪيل تبديليون نه رڳو آئين جي وفاقي ڍانچي کي ڪمزور ڪن ٿيون پر صوبائي خودمختياري تي به سڌو حملو آهن. سنڌ جي وڪيل تنظيمن، بار ايسوسييشنن ۽ سينئر قانوندانن 27هين ترميم کي “آئين جي روح سان ٽڪراءُ” قرار ڏنو آهي. ۽ چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ 18هين ترميم کي ڪمزور ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو، ڇوتہ اها ترميم صوبن جي تاريخي جدوجهد سان جڙيل آهي. قومپرست حلقا سمجهن ٿا ته اهڙيون ترميمون ملڪ جي قومي وحدت کي مضبوط ڪرڻ بدران “اختلاف ۽ محرومي” پيدا ڪن ٿيون، خاص طور تي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جهڙن صوبن ۾. اڄ سنڌ ۾ اُڀرندڙ احتجاج وفاق کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته مضبوط پاڪستان جو دارومدار سخت مرڪزيت تي نه، پر مضبوط صوبن، اعتماد ۽ آئيني توازن تي آهي.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
بحران يا سياسي ڪنٽرول؟ عدليه تي نئين يلغار
پاڪستان جي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي ڍانچي کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ واري پراڻي راند کي نئين شڪل ۾ سامهون آندو آهي. نئين آئيني ترميم جيڪا زبردستي ۽ تيزي سان منظور ڪرائي وئي، اها پاڻ ۾ واضح علامت آهي ته ڳالھ ڪارڪردگي وڌائڻ جي نه پر اختيار ڪنٽرول ڪرڻ جي هئي. عدالتن جي اندر ورهاست جو بنيادي مقصد اهو ظاهر ٿيو آهي ته فائنل آئيني تشريح کي اهڙي جڳھ منتقل ڪيو وڃي جتي سياسي اثر رسوخ وڌيڪ آسان هجي. نئين ترميم جو سڀ کان ڳرو اثر عام شهري تي پوندو. جڏهن بنيادي حقن بابت فيصلا اهي ادارا نه ڪندا، جيڪي آئين جي ضمانت طور بيٺا آهن پر اهي جج ڪندا جيڪي مخصوص سياسي اڳواڻن جي مرضي سان مقرر ٿين تڏهن شهري جي آزادي رڳو ڪاغذن تائين محدود رهجي وڃي ٿي. ملڪ جو مستقبل هاڻي ان تي دارومدار رکي ٿو ته عدليه کي ڪمزور ٿيڻ ڏبو يا کيس واقعي هڪ آزاد ادارو بڻائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي.
ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھ
سخي ڄام ڏاتار جو عرس مبارڪ
سخي ڄام ڏاتار جي درگاهه نواب شاهه کان اتر اوڀر طرف 24 ڪلوميٽر مفاصلي تي ڄام صاحب شهر ۾ آهي جيڪي پنهنجي وقت ۾ صابرين بزرگ طور مشهور رهيا. ڄام ڏاتار اهو واحد اولياءِ آهي جنهن جي شهر ۾ ڪا به ٻه ماڙ جڳهه ناهي جتي نفسياتي بيماري، دماغي بيماري، چريا ماڻهو به وڻن سان ٻڌا ويندا آهن جتي انهن کي شفا ملي ٿي. جتي ماڻهو پهچي باسون باسيندا آهن ۽ من جون مرادون پوريون ٿيڻ بعد ديڳيون لاهي خيرات ڪندا ۽ لنگر ورهائيندا آهن. 17، 18، 19 نومبر تي ڄام صاحب شهر ۾ ميلو ٿيو. جتي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو، گهوڙن جي ڊوڙ ڏسڻ لاءِ به شائقينن جو وڏو انگ موجود هو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل