پنهنجن جون چٺيون

شڪارپور جي انتظاميه ۾ آيل هاڪاري تبديلي

شاباش اسان جي ملڪ جي نياڻين کي جيڪي انتظامي آفيسرياڻيون بڻجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي هر مڪتبه فڪر جي شعبن ۾ پيون فرض احسن انداز سان نڀائين. تازو شڪارپور ضلعي انتظاميه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ بهادر نياڻي ڊاڪٽر عارفه بتول راءِ شڪارپور تعلقه جي اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجي شهر جي بازارن ۽ وڏن دوڪانن تي پاڻ وڃي شين جا اگھه، مقدار ۽ معيار جي پئي چڪاس ڪري ۽ سختي سان هدايت پڻ پئي ڪري ته حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪندي معيار ۽ مقدار توڙي خالص خوراڪ فراهم ڪن ۽ غيرضروري ذخيره اندوزي کان پاڻ کي پري رکن نه ته قانون مطابق سزا ڏني ويندي جنهن ۾ ڏنڊ توڙي دوڪان ۽ گدام سيل به ڪيا ويندا ۽ ڪيس درج ڪرائي جيل به موڪليو ويندو. اسان لاءِ اها نياڻي هڪ سٺي تبديلي جو سبب بڻجي آئي جنهن پارس بکراڻي ڊي ايس پي سٽي جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي جيڪا پڻ هر عوامي اشو تي نڪري پوندي هئي وردي سان پنهنجي عوام جي مڪمل حمايت ۾ ٿاڻن توڙي روڊن تي بروقت ڪاروائي ڪري مظلومن جي داد رسي ڪندي هئي. سو هي نياڻي به پنهنجا فرض نهايت ايمانداري سان پئي انجام ڏئي. اميد ٿي ڪجي ته ڊاڪٽر عارفه روينيو محڪمي ۾ ٿيندڙ سرعام ڪرپشن جو سدباب به ڪندي ۽ زميني کاتن ۾ ٿيندڙ جعلسازين جو سدباب ڪندي ۽ کاتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ جي ڪمپيوٽرائزيشن کي اهميت ڏياريندي سيل سرٽيفڪيٽ توڙي کاتن جي داخلا تي وٺندڙ رشوت جي روش کي بدلائيندي ۽ هر جائز ڪم سرڪاري في ادا ڪرڻ تي جلد ڪرائڻ جا حڪم ڏيندي.

استاد  جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور سنڌ

فطرو ڏئي غريبن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪجي!

رمضان المبارڪ اسلامي سال جو اهو بابرڪت مهينو آهي جيڪو مسلمانن لاءِ روحاني پاڪيزگي، عبادت، صبر ۽ انسانيت جي خدمت جو پيغام کڻي اچي ٿو. هن مهيني ۾ مسلمان روزا رکن ٿا، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪن ٿا، نمازون پڙهن ٿا ۽ الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي طلب ڪن ٿا. پر رمضان صرف عبادت تائين محدود نه آهي؛ اهو انسانيت، همدردي ۽ سماجي انصاف جو به مهينو آهي. ان مهيني جي پڄاڻي تي عيدالفطر اچي ٿي، جيڪا خوشي، شڪرگذاري ۽ گڏيل مسرت جو ڏينهن آهي. پر اسلام چاهي ٿو ته عيد جي خوشي صرف اميرن تائين محدود نه رهي، پر معاشري جو هر فرد، خاص طور تي غريب ۽ محتاج ماڻهو به ان خوشي ۾ شامل ٿي سگهن. انهي مقصد لاءِ اسلام ۾ فطره (فطرو) جو نظام رکيو ويو آهي. فطري جو بنيادي مقصد معاشري ۾ برابري ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ آهي. جڏهن صاحبِ حيثيت ماڻهو فطرو ادا ڪن ٿا ته ان سان ڪيترن ئي ضرورت مند ماڻهن کي کاڌو، ڪپڙا ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. نتيجي طور اهي ماڻهو به عيد جي ڏينهن خوشي محسوس ڪن ٿا. فطري جي صحيح ورڇ پڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن فطرو واقعي مستحق ماڻهن تائين پهچي ته ان جا فائدا گهڻا وڌي سگهن ٿا.

نيڪ محمد شنباڻي

شاهپورجهانيان جي شهرين جو مٺي پاڻي پيئڻ وارو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو

سنڌ جي مهانگي ترين قومي شاهراهه جي شهر شاهپورجهانيان جا رهواسي هن جديد دور ۾ به مٺو پاڻي پيئڻ جي سهولت کان محروم آهن. اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل طور تباهه آهي. موٽر ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو آهي. جر جي پاڻيءَ ۾ سينکيو موجود هجڻ سبب شهرين کي جر جو پاڻي پيئڻ کان سخت منع ڪيل آهي. شاهپورجهانيان ۾ ٽائون انتظاميا نالي ڪا به شي ناهي، واٽر سپلاءِ اسڪيم کي هٿ وٺي تباھه ڪيو ويو آهي، شهرين ڏانهن ڪنهن جي دلچسپي ناهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ گم آهن. مطالبو آهي ته جلد کان جلد شهر ۾ واٽر سپلائي اسڪيم کي بحال ڪري شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سيف ٻگهيو/ شاهپورجهانيان

آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڏانهن کليل خط

آءِ جي صاحب ان وقت نھايت شرمندگي ٿيندي آھي جنھن وقت آئون سنڌ پوليس جي ھر انسپيڪٽر جنرل   کي مافيا جي آڏو بيوس ڏسندو آھيان. ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي سھولتون ڪير پيو ڏئي؟ جن ڪنڌڪوٽ ڪشمور جيڪب آباد گھوٽڪي ۽ شڪارپور جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي پوليس جي چيف جي حيثيت ۾ يقينن اوھان کي پنھجي کاتي جي پوري پوري معلومات ھوندي. پوليس روڊن تي چيڪنگ جي بھاني عزتدار شھرين جون بي عزتيون ڪري ڪاغذ ۽ لائسنس نه ھئڻ جي بھاني ھزارين روپيا وٺي پوءِ ڇڏي ٿي. چيو ٿو وڃي پوليس بگھڙن جو ڌڻ آھي شايد ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سٺا آفيسر ھجن جيڪي به بيوس ۽ لاچار آھن. قبيلائي جهيڙن ۾ روزانو نوجوان قتل ٿي رهيا آهن ويڙها اجڙي رهيا آهن ڪير به قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن پوليس قتلن کي ڏوهه نه سمجهي ته ان کان وڌيڪ بدتر حالتون ڪهڙيون ٿينديون. توهان ٻيو دفعو شڪارپور جو دورو ڪيو پر توهان کي مين روڊ سان ڦيرائي ڦيرائي روانو ڪيوويو. توهان شڪارپور ۾ کليل ڪچهري ڪيو پوءِ ڏسو ته هتان جا ماڻهو ڪيتري دهشت واري زندگي بسر ڪن پيا.

ابراهيم خليل جتوئي/ شڪارپور