سنڌ ۾ گوڙ جي خاتمي جي ضرورت
وزير داخلا حڪومت سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ تمام ڊي آءِ جيز و ايس ايس پي صاحبان سنڌ ۾ وڌندڙ شور جو سد باب ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچن جو وڏي آواز سان پيا سڀ هوڪا ايمپلي فائر تي ڏيندا وتن گهٽين ۾ جنهن سبب ننڍڙن ٻارن توڙي بزرگن جي دماغ تي منفي اثر پيا پون. افسوس آ جو شادي هالن توڙي گهوٽ جي ڄڃ سان ايڪو سائونڊ جا وڏا لائوڊ اڳيان اڳيان هلائيندا پيا رهن ۽ جلسن جلوسن توڙي ميلن تي پڻ تمام تيز آواز سان ايڪو سائونڊ هلائڻ ته ڄڻ سماج جو حصو بڻجي ويو آهي. هاڻي ته گهٽي گهٽي ۾ بصر پٽاٽا توڙي گهر گهر ڪٻاڙ وٺڻ وارن ۽ فقيرن به اهي لائوڊ وڄائي قوم کي شور جي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسان جي استدعا آهي تمام سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي ته ان جو نوٽيس وٺي تمام غير ضروري ايڪو سائونڊ هلائڻ وارن خلاف ڪيس درج ڪري جيل اماڻيو وڃي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور سنڌ
اربين رپين جي ضايع ٿيڻ بابت شڪايت
اوهان جي معزز اخبار ذريعي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڌيان کي KB Feeder جي لائيننگ واري منصوبي ۾ ٿيندڙ ناقص ڪم، بي ضابطگين ۽ عوام لاءِ خطري وارين صورتحال ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو. هي منصوبو، جنهن تي لڳ ڀڳ 40 کان 50 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، سنڌ خاص ڪري ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن منصوبي ۾ ڪم جو معيار انتهائي خراب ۽ ناقص نظر اچي رهيو آهي. واهه جي بيڊ کي صحيح نموني تيار نه ڪيو پيو وڃي ۽ پاڻي ڪڍڻ کان سواءِ مٽي وڌي رهي آهي. ڪنڪريٽ جا سلپ هيٺ لهي رهيا آهن ۽ ڪنارن تي سيڙهيون موجود نه آهن. واهه جي سائز کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. هي سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ته ڪم انتهائي ناقص معيار سان ٿي رهيو آهي ۽ عوام جو پئسو ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.
محمد علي ٻٻر /جامشورو
آنڌي آئي، زندگيون کسي ويئي.!!!!
ڪراچي جي آسمان تي اوچتو ڇانيل ڪارا ڪڪر، تيز هوائن جو شور ۽ پوءِ وسندڙ برسات نه رڳو موسم جي تبديلي جو اشارو هئا، پر انهن سان گڏ هڪ اهڙو دردناڪ داستان به جڙيل هو، جيڪو ڪيترن ئي گهرن ۾ ماتم بڻجي ويو. مواڇ گوٺ جو واقعو ته ڄڻ هن سڄي سانحي جو سڀ کان وڏو ۽ دل ڏاريندڙ منظر بڻجي سامهون آيو. هڪ ديوار ڪرڻ سان ڪيترائي ماڻهو ملبو هيٺان دٻجي ويا، جن مان ڪيترن کي پنهنجي جان وڃائڻي پئي. برسات کان پوءِ شهر جي حالت به ڪنهن جنگ جي ميدان کان گهٽ نه هئي. هي سڄو منظر صرف هڪ قدرتي آفت جو نتيجو نه هو، پر اهو اسان جي اجتماعي ناڪاميءَ جو به عڪس هو. اهو سوال به اهم آهي ته آخر اسان هر سال اهڙين حالتن کي ڇو منهن ڏيون ٿا؟ ڇا اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي يا رڳو انتظامي لاپرواهي آهي؟ جيڪڏهن اڳواٽ تياري ڪئي وڃي ها، خطرناڪ عمارتن کي ڊاهي محفوظ بڻايو وڃي ها، وڻن کي مناسب طريقي سان سنڀاليو وڃي ها، ۽ ايمرجنسي سروسز کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي ها ته شايد ايتريون جانيون ضايع نه ٿين ها
غلام مصطفيٰ جمالي/ کڏھرو موري
يومِ پاڪستان – عهد جي نئين سر تجديد جو ڏينهن
23 مارچ پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ يادگار ڏينهن آهي۔ هن ڏينهن 1940ع ۾ لاهور جي تاريخي منٽو پارڪ (هاڻي اقبال پارڪ) ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس دوران اها تاريخي قرارداد پاس ڪئي وئي، جيڪا پوءِ قراردادِ پاڪستان جي نالي سان سڃاتي وئي. هن قرارداد برصغير جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ۽ آزاد رياست جي قيام جي بنياد وڌي. 23 مارچ اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته پاڪستان ڪنهن اتفاق جو نتيجو ناهي، پر هڪ ڊگهي جدوجهد، قربانين ۽ مضبوط عزم جو ثمر آهي. اسان جي بزرگن بي شمار ڏکيائين کي منهن ڏيندي هن ملڪ جي قيام لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. هي ڏينهن اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته پاڪستان کي ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اسان کي اتحاد، محنت ۽ ايمانداري کي اپنائڻو پوندو.
سيده سونيا منور
جشن نوروز هڪ مذھبي تهوار
اسلام مذهب ۾ سال اندر ٻه وڏيون عيدون اچن ٿيون، جن ۾ عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ شامل آھن، ٻيو هڪ تهوار نوروز آھي، صدين کان هلندڙ هن تهوار کي اهل تشيع جوش ۽ خروش سان ملهائيندا آھن، جڏهن ته پارسي مذهب پڻ انهي تهوار کان الڳ نه آھي. نوروز جو مطلب آھي نئون ڏينهن، اهو فارسي زبان جو لفظ آھي، هڪ روايت موجب انهي ڏينهن تي نئين سال جي شروعات ٿئي تي، اهو به چيو ويندو آھي ته عيسوي سال جو دارومدار سج تي آھي ۽ قمري سال جو چنڊ تي آھي، جڏهن زمين سج جي چوڌاري پنهنجو ساليانو چڪر پورو ڪري برج حمل ۾ داخل ٿئي ٿي ته انهي ڏينهن کي نوروز چئبو آھي. نوروز جو اهو تهوار آذر بائيجان، ايران، افغانستان، پاڪستان، چچنيا، ازبڪستان، ترڪمستان، تاجڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جوش وخروش سان ملهايو ويندو آھي، ڪجھ ملڪن ۾ سرڪاري طور تي انهي ڏينهن کي ملهائڻ سبب عام موڪل پڻ هوندي آھي. اسماعيلي عبادتگاهن ۽ امام باگاهن ۾ انهي ڏينهن تي ملڪ جي سلامتي، امن ۽ خوشحالي لاء خاص دعائون گهريون وينديون آھن.
نديم علي خواجه/تلهار