پنهنجن جون چٺيون

عيدالفطر جون خوشيون

عيدالفطر مسلمانن جو هڪ اهم ۽ مقدس تهوار آهي هي ڏينهن الله پاڪ جي شڪرگذاري،خوشين جي اظهار ۽ مسلمانن جي گڏيل خوشي جو ڏينهن آهي۔“عيد” جو مطلب خوشي ۽ “فطر” جو مطلب روزو کولڻ آهي، يعني روزن جي مڪمل ٿيڻ تي خوشي ملهائڻ. عيدالفطر صرف خوشيون ملهائڻ جو نالو ناهي،پر اها هڪ اخلاقي پيغام پڻ ڏئي ٿي۔هي ڏينهن اسان کي سيکاري ٿو ته:

غريبن ۽ محتاجن جو خيال رکجي،

پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو وڌائجي،

دلين مان نفرتون ختم ڪجن،

هڪ ٻئي کي معاف ڪيو وڃي.

جاويد سيوهاڻي

وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نعري جو باني سورھيه بادشاھ

20 مارچ سنڌ جي بهادر سپوت سورهيه بادشاهه جي شهادت جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ نوجواني ۾ ئي وڏي قرباني ڏني. هو انهن بهادر ماڻهن مان هو، جن برطانوي راڄ خلاف اٿي بيهڻ جو حوصلو ڪيو ۽ غلامي کي گار سمجھي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. برطانوي راڄ خلاف سندس ڪاروايون انگريز حڪمرانن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي ويون. نيٺ کيس گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون ويون ۽ 20 مارچ 1943ع تي کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. سندس شهادت سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم باب طور هميشه ياد ڪئي ويندي. سورهيه بادشاهه جو نالو اڄ به بهادري، جرئت ۽ وطن سان سچي محبت جي علامت طور زندهه آهي. سندس جدوجهد اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته آزادي ڪا آسان شيءِ ناهي پر ان لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. اسان پنهنجي تاريخ مان سبق سکون ۽ پنهنجي هيروز جي نقش قدم تي هلون، ته نه صرف پاڻ کي سنواري سگهون ٿا پر پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.

محمد ثقلين شنباڻي/ ڇھاسي شھر

سانگهڙ روڊ نوابشاهه تي وڌندڙ حادثا ۽ ٽريفڪ جي بي ترتيبي

ٽريفڪ سارجنٽ علي دوست بروهي! اميد ته اوهان خيريت سان هوندا۔ مان هن خط ذريعي اوهان جو ڌيان سانگهڙ روڊ تي وڌندڙ ٽريفڪ جي بي ترتيبي ۽ خطرناڪ حادثن ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو، جيڪو اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. سانگهڙ روڊ اسان جي علائقي جو هڪ اهم ۽ مصروف ترين رستو آهي، جتي ٽريفڪ جو ڪو به صحيح نظام موجود ناهي. هر طرف افراتفري نظر اچي ٿي، گاڏيون بي ترتيب هلن ٿيون ۽ ڪو به انهن کي روڪڻ يا سنڀالڻ وارو ناهي. ان بي ترتيبي جي نتيجي ۾ اڪثر دل ڏاريندڙ حادثا پيش اچن ٿا. ڪيترائي معصوم ماڻهو زخمي ٿين ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي پيارن کان هميشه لاءِ جدا ٿي وڃن ٿا. هن سنگين مسئلي تي فوري ڌيان ڏنو وڃي. سانگهڙ روڊ تي ٽريفڪ پوليس جو اهلڪار مقرر ڪيو وڃي ۽ مناسب انتظام ڪيا وڃن، جيئن ٽريفڪ جو نظام بهتر بڻجي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي سگهجي.

امتياز حسين بروهي/ نوابشاهه

سنڌ جا نوجوان ۽ وڌندڙ مايوسي

سنڌ اڄ ڏکن، سورن ۽ بيوسيءَ جي ور چڙهيل آهي، جتي هر پاسي بيچينيءَ جا پاڇا پکڙيل نظر اچن ٿا. خاص طور نوجوان نسل، جيڪو ڪنهن به قوم جو روشن مستقبل هوندو آهي، اڄ مايوسي ۽ اڻڄاتل خوف جي گهيري ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، ناانصافين جي وڌندڙ لهر ۽ انتظامي بيحسي اهڙو گهُٽيل ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جتي خواب ساڀيان ٿيڻ بدران ٽٽندا پيا وڃن ۽ ڪيترائي نوجوان پنهنجي مستقبل کي اوندهه ۾ ٻڏل محسوس ڪن ٿا. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته روزانو جي بنياد تي يونيورسٽي هاسٽلن يا شهرن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نوجوانن جي خودڪشي جون ھان ڏاريندڙ خبرون سامهون اچن ٿيون، جيڪي ڪنهن به باشعور سماج لاءِ وڏي الميي کان گهٽ ناهن. نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اڄ سنڌ جو نوجوان جيڪڏهن علم، شعور ۽ همت سان اڳتي وڌي ته حالتون ضرور بدلجي سگهن ٿيون. مايوسي ۽ خودڪشي ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، بلڪه اها هڪ خاموش شڪست آهي، جيڪا سماج کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ٿي. تنهن ڪري ضرورت آهي ته نوجوان مايوسي بدران اميد جو دامن نه ڇڏين، ۽ علم ۽ شعور سان سماج جي ڏتڙيل طبقي لاءِ آواز بڻجن.

فيضان غني اوٺو

بارشن جي تباهڪاري ۽ غريبن جي مهانگي عيد!

سڄي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هڪ پاسي مهانگائي عوام جي جيئڻ جا ڏک وڌائي ڇڏيا آهن ته ٻئي پاسي تازين طوفاني بارشن غريب ماڻهن جي زندگي کي وڌيڪ اذيتناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. موجوده حالتن ۾ عام ماڻهو ٻنهي مصيبتن جي وچ ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو، جتي نه روزگار جو آسرو رهيو آهي ۽ نه ئي زندگي جون بنيادي سهولتون آساني سان دستياب آهن. تازين برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪچا گهر ڊهي پيا، فصل تباهه ٿي ويا ۽ روز ڪمائي کائيندڙ مزدور بي يارو مددگار ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڪيترائي خاندان پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جنهن ڪري سندن عيد جون خوشيون به اڌ ۾ رهجي ويون حڪومت جو فرض آهي ته متاثر علائقن ۾ فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪري، بي گهر ٿيل ماڻهن کي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ طبي سهولتون فراهم ڪري ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول آڻڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي.

وفا ولي محمد ڦل/ڦل شهر