عيد الفطر جون خوشيون ۽ مٽن مائٽن جي محبت
عيد جو ڏينهن خوشي جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آھي غريب مزدور طبقو عيد جي ڏينهن آرام ڪندو آھي ۽ امير پيسئي وارا ماڻھون دعوتون کائڻ ۽ کارائڻ ۾ مصروف ھوندا آھن ۽ اھو ئي دنياوي سچ آھي انھي کان سواءِ ٻه نمبر شيون ماڻھو پيا واپرائيندا آھن جنھن ۾ بوتلون وغيره عام آھن. ماڻھن کي گھرجي ته صحت جي حوالي سان مناسب شيون واپرائين ڇو ته ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ٿي ٿو پئي ته خوشون خاموش ٿي ٿيون وڃن.
نجيد انجم/ ملڪاڻي
سنڌ جي لاءِ پاڻي جي اهميت
هر سال 22 مارچ تي پاڻيءَ جو عالمي ڏينھن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد دنيا کي پاڻي جي اهميت ۽ ان جي بچاءَ بابت آگاهي ڏيڻ آهي، پر سنڌجي لاءِ پاڻي صرف هڪ عالمي موضوع نه، پر زندگي ۽ بقا جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، ڪو وقت هو ته سنڌو جا وهڪرا سمنڊ تائين هلندا هئا پر هن وقت سنڌو جا وهڪرا سکر بئراج کان درياءُ تائين سُڪي ۾ سَهڪي سَهڪي پهچن ٿا، پاڻي وقت تي نه پهچڻ سبب سنڌ جي زراعت کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پنجاب سان پاڻي ٺاهه هجڻ باوجود پنجاب 91 ٺاهه جي ابتڙ پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، سنڌ جو ساحلي علائقو خاص طور تي انڊس ڊيلٽا به پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي پاڻي صرف زراعت يا پيئڻ لاءِ نه پر ماحولياتي توازن لاءِ به ضروري آهي. سنڌ جا ڍنڍون، ڍورا ۽ ٻيا آبي وسيلا ڪيترن پکين ۽ جاندارن جو گهر آهن، جيڪڏهن پاڻي گهٽ ٿيندو ته اهو سڄو قدرتي نظام متاثر ٿيندو، ان صورتحال ۾ ضروري آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجو ڪردار ايمانداري سان نڀائن، ان سلسلي ۾اِرسا تي وڏي ذميواري اچي ٿي ته هو سڀني صوبن کي برابر پاڻي فراهم ڪري.
فھيم سومرو/ ميھڙ
ٿرپارڪر ۾ معذور بيروزگاري ۽ پريشاني جو شڪار …..!
پاڪستان ۾ رهندڙ معذور کي بااختيار بڻائڻ لاءِ، پاڪستان جي قانون موجب سرڪاري نوڪرين ۾ معذورن لاءِ مخصوص ڪوٽا رکيل آهي، جنهن تي مڪمل عمل ٿيڻ لازمي آهي. جڏهن ته ذريعن موجب ٿرپارڪر ۾ معذور ڪوٽا ۾ ھڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون وقت کان اڳ بغير اطلاع جي من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن ۽ ٿر جي پڙھيل لکيل معذورن کي نظر انداز ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي. ٿرپارڪر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ اڪثر معذور ڪوٽا تي نوڪريون يا ته اشتهار ۾ شامل ناهن ٿينديون، يا پوءِ عملي طور تي لاڳو ناهن ٿينديون. اسان معذورن جو مطالبو آهي ته ٿرپارڪر ۾ سڀني کاتن ۾ ھڪ کان چار گريڊ نوڪريون معذور ڪوٽا تي حقدار پڙھيل لکيل معذورن کي ڏنيون وڃن. نوڪرين جي اشتهارن ۾ معذور ڪوٽا واضح لکيو وڃي. معذور اميدوارن کي آسان ٽيسٽ ۽ انٽرويو سهولتون ڏنيون وڃن. معذور ماڻهو رحم نه، پنهنجو قانوني حق گهري رهيا آهن معذورن کي 33 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي يا ھڪ ٻـ گريس مارڪون ڏئي ھنن کي پاس قرار ڏنو وڃي.
دليپ ڪمار ڪيسراڻي/ يوسي مھراڻو وڄوٽو
انسان دوست شخصيت جي موڪلاڻي
زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لمحا به ايندا آهن، جيڪي اوچتو اچي انسان جي وجود کي لوڏي ڇڏيندا آهن اهڙي ئي هڪ اذيتناڪ گهڙي مون تي تڏهن آئي، جڏهن آئون عيد جي موقعي تي پنهنجي ٻارڙن سان گڏ سندن ناناڻي ڳوٺ ويل هئس. پر اوچتو اطلاع مليو ته حاجي مشتاق احمد سومرو هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويا آهن. حاجي مشتاق احمد سومرو رڳو هڪ فرد نه، پر هڪ فڪر، هڪ سوچ ۽ هڪ خدمتگار رويو هو جيتوڻيڪ هو منهنجي رت جي رشتي ۾ شامل نه هو پر سندن محبت، خلوص ۽ شفقت انهن سڀني رشتن کان وڌيڪ مضبوط هئي. سماجي خدمتن سان گڏ، سندن سياسي شعور پڻ نهايت پختو هو. هو ڪنهن به قسم جي ناانصافي کي برداشت ڪرڻ وارو نه هو. سندن ذاتي زندگي سادگي، اخلاق ۽ محبت جو حسين نمونو هئي. سندن آخري سفر به انتهائي اثرائتو رهيو۔ هو عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل هئا جتي وفات ڪيائون. الله پاڪ کين اها عظيم سعادت عطا ڪئي جو سندن تدفين مديني منوره جي جنت البقيع ۾ ٿي بيشڪ، نيڪ ۽ انسان دوست ماڻهو ڪڏهن به مري ناهن ويندا—اهي پنهنجي ڪردار ۽ عملن وسيلي هميشه زنده رهندا آهن.
ايڊووڪيٽ هدايت الله سومرو
ٺري ميرواھ اونداھين ۾ ٻڏل ڪيستائين رھندو؟
ٺري ميرواھ جيڪو ھڪ وقت روشنين سان جگمگائيندڙ شھر طور سڃاتو ويندو ھو، اڄ چونڊيل نمائندن ۽ ٽائون انتظاميا جي بي حسي سبب اونداھين جي ور چڙھي ويو آھي. اسٽريٽ لائيٽن جو نظام مڪمل طور تي ناڪاره بڻجي چڪو آھي، اونداھين نه رڳو شھري زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آھي، پر ڏوھن ۾ به خطرناڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. چوريون، ڦرون ۽ ٻين وارداتن لاءِ اھا اونداھي ڄڻ موقعو بڻجي وئي آھي سوال اھو آھي ته آخر ذميوار ڪير آھي؟ ٽائون ڪاميٽي ٺري ۾ ايندڙ ماھوار ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪنھن جي بڀ ۾ پئي وڃي ڇا چونڊيل نمائندا، جيڪي ووٽن وقت وڏا وڏا واعدا ڪندا آھن، ھن صورتحال کان بيخبر آھن؟ اسين تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ايم پي سي سميت وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ھن معاملي جو نوٽيس وٺي ماھوار ايندڙ ڪروڙن جي بجيٽ جي جاچ ڪئي وڃي.
ريحان علي/ ٺري ميرواهه