پنهنجن جون چٺيون

ٿرپارڪر ۾ وڌندڙ خودڪشين کي روڪيو وڃي …!

ٿرپارڪر، جيڪو پنهنجي سادگي، ثقافت ۽ مهمان نوازي لاءِ مشهور آهي، اڄڪلهه هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. ضلعي ۾ وڌندڙ خودڪشين جا واقعا نه رڳو انساني جانين جو نقصان آهن، پر سماجي، معاشي ۽ نفسياتي بحرانن جو به واضح عڪس آهن. انهن واقعن پٺيان ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ غربت، بيروزگاري، تعليم جي کوٽ، ذهني دٻاءُ، گهريلو تڪرار ۽ سماجي ناانصافيون شامل آهن. خاص طور تي نوجوان نسل هن مسئلي جو سڀ کان وڏو شڪار بڻجي رهيو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته هو هن مسئلي تي فوري توجه ڏين. ٿرپارڪر ۾ نفسياتي ماهرن جي مقرري، ڪائونسلنگ سينٽرن جو قيام ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڻ ذهني صحت بابت آگاهي مهم هلائڻ گهرجي ته جيئن نوجوان پنهنجي مسئلن کي سمجهي سگهن ۽ وقت تي مدد حاصل ڪري سگهن. ان سان گڏ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، تعليم کي بهتر بڻائڻ ۽ سماجي انصاف کي يقيني بڻائڻ به هن مسئلي کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

دليپ ڪمار ڪيسراڻي / وڄوٽو

ڊاڪٽر نسيم احمد ڪٻر جي ڪهاڻي

ٺري ميرواھ جو زرخيز علائقو ازل کان ئي باصلاحيت، محنتي ۽ باوقار انسانن جي ڪري سڃاتو ويندو رهيو آهي، ٺري ميرواھ تعلقي جي ڳوٺ بيگي واھ (غلام محمد ڪٻر) سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر نسيم احمد ڪٻر پنهنجي بي مثال محنت، غيرمعمولي ذهانت ۽ اڻٿڪ جستجو سان نه صرف پنهنجي خاندان، پر سڄي علائقي جو نالو عزت ۽ وقار سان روشن ڪيو آهي. ڊاڪٽر نسيم احمد ڪٻر جو تعلق بوزدار وڏا شھر جي هڪ باوقار، علم دوست ۽ سماجي طور اثرائتي گھراڻي سان آهي، جتي شعور، خدمت ۽ قيادت جون روايتون نسل در نسل منتقل ٿينديون آيون آهن. سندس مسلسل محنت، علم سان بي پناهه محبت ۽ اعليٰ مقصد سان وابستگي کيس ٻين کان ممتاز ۽ منفرد بڻائي ٿي. ڊاڪٽر نسيم احمد ڪٻر نه رڳو پنهنجي ذاتي ڪاميابين تائين محدود رهيو، پر هن پنهنجي خاندان ۽ برادري جي نوجوانن لاءِ به راهه روشن ڪئي۔ سندس رهنمائي، همت افزائي ۽ مثبت سوچ جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوجوان ميڊيڪل شعبي ڏانهن راغب ٿيا.سندس شاندار ڪاميابين تي نه فقط سندس خاندان پر سڄو علائقو فخر ۽ مسرت جو اظهار ڪري رهيو آهي.

حفيظ شر/ ٺري ميرواھ

خواب هجن آزاد

سنڌي ادب ۾ به شاعري هميشه احساسن، فڪر ۽ سماجي شعور جي اظهار جو اهم ۽ اثرائتو ذريعو رهي آهي. آزاد انصاريءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي مسئلن ۽ پنهنجي جذبات کي گڏ پيش ڪيو آهي. ”خواب هجن آزاد“ آزاد انصاريءَ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، شاعريءَ ۾ وجودي حيثيت Existential Being هڪ اهم پهلو طور ظاهر ٿئي ٿي، خاص ڪري جڏهن هو محبت ۽ جدائيءَ جي موضوع تي لکي ٿو. آزاد انصاري جي شاعريءَ جون فني خصوصيتون هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏين ٿيون. سندس سڀ کان نمايان خصوصيت مختصر بحر ۽ سادگي آهي، جتي هو ننڍين سٽن ۾ وڏا ۽ گهرا خيال پيش ڪري ٿو، جنهن سان پڙهندڙ کي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ موسيقيت پڻ نمايان آهي؛ پڙهندي اهڙو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ شعر ڳائڻ جي لهجي سان جُڙيل آهي. دوستن جي ڏنل راءِ موجب ته: آزاد مختصر لفظن ۾ گهرو اظهار ڪري ٿو، سندس شاعري سادي پر اثرائتي آهي، هو محبت سان گڏ سماجي مسئلن کي به بيان ڪري ٿو ۽ سندس اسلوب منفرد ۽ جديد آهي.

راحيل بڙدي/خيرپور ميرس

گڏ جي گذاريون ڪا گهڙي…!!!

زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ ڪي گهڙيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي وقت جي لهرن سان گڏ وهي وڃڻ بدران دل جي ڪنڊن ۾ هميشه لاءِ بيهي رهنديون آهن. اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾، جتي هر ماڻهو وقت جي کوٽ جو شڪار آهي، اتي گڏ ويهڻ، ڳالهيون ڪرڻ، کلڻ ۽ هڪٻئي سان دل جو حال ونڊڻ ڄڻ ته ماضي جو قصو بڻجي وئي آهي. پر حقيقت ۾ اهي ئي لمحا آهن، جيڪي انسان کي اندروني سڪون ۽ خوشي ڏين ٿا. گڏ جي گذاريون ڪا گهڙي، اصل ۾ انساني زندگيءَ جي سڀ کان وڏي دولت آهي، جيڪا نه خريد ڪري سگهجي ٿي ۽ نه وري ڪنهن بازار ۾ ملي ٿي. گهر ڀاتين سان گڏ گذاريل وقت به زندگيءَ جي اهم حصن مان هڪ آهي. والدين سان گڏ ويهڻ، سندن تجربن مان سکڻ، ۽ سندن پيار کي محسوس ڪرڻ، انسان لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي. اڄ جي جديد دور ۾، جتي موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا ماڻهن کي هڪٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي، اتي گهر ۾ گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي روايت آهستي آهستي ختم ٿيندي پئي وڃي. هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ گم آهي، پر اصل خوشي ته گڏ هجڻ ۾ آهي.

نيڪ محمد شنباڻي