تعليم واري وزير سردار شاهه کي خط
عرض آهي ته اسان جي ڳوٺ حاجي حمزو خان بروهي جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول انتهائي خراب ۽ افسوسناڪ حالت ۾ آهي. ننڍڙا معصوم ٻار جيڪي پنهنجي روشن مستقبل جا خواب اکين ۾ کڻي روزانو اسڪول اچن ٿا، سي بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. اسڪول جي عمارت زبون آهي. ديوارون ٽٽل، ڇت ڪمزور ۽ ويهڻ لاءِ مناسب جڳهه به موجود ناهي. اهڙي حالت ڏسي والدين جا دل ڏڪي وڃن ٿا ته ڪٿي ڪو حادثو پيش نه اچي وڃي ڇا انهن معصوم ٻارن جو قصور صرف اهو آهي ته اهي هڪ پٺتي پيل ڳوٺ سان واسطو رکن ٿا؟ اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، پر صرف هڪڙو استاد مقرر آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ اوهان کي هميشه حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
امتياز حسين بروهي/ ڳوٺ حاجي حمزه خان بروهي
گلاب جا گُل
توکي ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي! تنهنجا نرم نرم پن، ريشمي رنگ ۽ هوا ۾ پکڙيل خوشبوءِ… اَڙي، ڇا ٻڌايان، اهي سڀ ڪجهه دل کي ڇهي وڃن ٿا! تون ته ڄڻ موسم جو سڀ کان مٺڙو تحفو آهين، جيڪو ڪنهن ڏکئي ڏينهن ۾ به مرڪ آڻي سگهي ٿو. تو وٽ ته قدرت جو جادو آهي، جيڪو بس خوشبوءَ سان ئي دل کي ڇهي ڇڏي ٿو. تون صرف گل نه آهين، پر ننڍڙو، نرم ۽ حسين استاد آهين، جيڪو اسان کي صبر، محبت ۽ سکون سيکاري ٿو. هوا ۾ تنهنجي خوشبوءِ پکڙجي رهي آهي، ۽ دل چوندي آهي: “هاءِ، تون بس هينئر هتي ئي ڇو نه هئين!” تون دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پنهنجو حسن ۽ مسڪراهٽ ورهائيندين ۽ اسان کي ياد ڏياري ڇڏيندين ته زندگيءَ جا ننڍا لمحا به ڪيترا حسين ٿي سگهن ٿا.
راحيل بڙدي/ خيرپور ميرس
آمريڪا ايران جي مطالبن ۽ شرطن جو جائزو
موجوده عالمي سياست ۾ وچ اوڀر جي صورتحال اهڙي موڙ تي بيٺل آهي جتي طاقت، دٻاءُ ۽ سفارتي جٽاءُ هڪٻئي ۾ ملي ويا آهن. آمريڪا پاران پيش ڪيل پندرهن مطالبن جو بنيادي مقصد ايران کي هڪ اهڙي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪا نه رڳو ايٽمي صلاحيتن کان محروم هجي پر خطي ۾ ان جو اثر رسوخ به گهٽجي وڃي. ٻئي طرف ايران پنهنجن پنج شرطن تي قائم آهي، جيڪي ان جي قومي تحفظ ۽ خودمختياري جي ضمانت سان جڙيل آهن. انهيءَ پس منظر ۾ ٻنهي ڌرين جي موقفن جي ڀيٽ ڪرڻ انتهائي اهم آهي. آمريڪا طاقت جي بنياد تي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايران برابري ۽ خودمختياري جي بنياد تي پنهنجو موقف رکندو آهي. امن ۽ تڪرار جي وچ ۾ اهو سوال پڻ اڀري ٿو ته ڇا جنگ يا طاقت جي پاليسي ڪو حل ڏئي سگهي ٿي؟ تاريخ اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته جنگ نه رڳو تڪرار وڌائيندي آهي پر خطي جي ڊگهي مدي واري استحڪام کي به نقصان پهچائيندي آهي. ان جي ابتڙ، سفارتي عمل، جيتوڻيڪ مشڪل ۽ وقت طلب هوندو آهي، پر ڊگهي مدي ۾ بهتر ۽ پائيدار نتيجا ڏئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ اعتماد ۽ سنجيدگي پيدا ٿئي، ته شايد هڪ اهڙو حل نڪري سگهي جيڪو نه رڳو خطي ۾ امن آڻي پر عالمي استحڪام کي به مضبوط ڪري.
غلام مصطفيٰ جمالي/کڏهرو موري
ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا وڌندڙ واقعا…!
ٿرپارڪر جو علائقو پنهنجي قدرتي حسن، ريگستاني ماحول ۽ سادگي ڀري زندگي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، پر ساڳئي وقت هتي قدرتي آفتن جا خطرا به موجود آهن. تازن سالن ۾ ٿر ۾ کنوڻ (وڄ) ڪرڻ جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن، جيڪي انساني جانين سان گڏ مال مويشي لاءِ به وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن واقعن کان بچاءَ لاءِ نه ته مناسب آگاهي موجود آهي ۽ نه ئي حفاظتي انتظام آهن. کنوڻ کان بچڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، جهڙوڪ ارٿ راڊ انتهائي مؤثر ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هر ڳوٺ ۾ اهم جڳهن تي ارٿ راڊ لڳايا وڃن ته انساني جانين ۽ مال مويشي جي وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گورنمينٽ آف سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا فوري طور تي هن سنگين مسئلي تي ڌيان ڏئي۔ ٿرپارڪر جي سڀني ڳوٺن، اسڪولن، مسجدن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي ارٿ راڊ لڳائڻ لاءِ باقاعده منصوبا تيار ڪيا وڃن. ان سان گڏ، ماڻهن ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي ته کنوڻ دوران ڪهڙا حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن، جيئن کليل ميدان کان پري رهڻ، وڏن وڻن هيٺ نه بيهڻ ۽ بجلي وارن اوزارن کان پاسو ڪرڻ وغيره.
دليپ ڪمار ڪيسراڻي/وڄوٽو
ٽي بي خلاف جنگ: شعور کان عمل تائين
انساني صحت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن مان هڪ پراڻو پر اڃا تائين خطرناڪ مرض تپ دق (ٽي بي) به آهي، جيڪو جديد دور ۾ به مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيو آهي. هر سال 24 مارچ تي دنيا هن بيماري خلاف گڏيل جدوجهد جو عزم ورجائي ٿي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان واقعي هن خطر کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهيون؟ ٽي بي صرف هڪ بيماري نه، پر هڪ سماجي مسئلو پڻ آهي. اهو گهڻو ڪري انهن ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو، جيڪي غربت، غذائي کوٽ ۽ محدود طبي سهولتن جو شڪار آهن. حڪومتي سطح تي ڪوششن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي. صرف اسپتالن تائين محدود رهڻ بدران، صحت جون سهولتون ماڻهن جي دروازن تائين پهچائڻيون پونديون. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي سطح تي ذميواري جو احساس ڪري، ته ٽي بي کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.
اسلم عباسي