پنهنجن جون چٺيون

گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول ڏيپارجہ ۾ صاف پاڻي ۽ سولر سسٽم جي فوري فراهمي

 ڏيپارجہ تعلقي مورو جو هڪ اهم شهر ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکندڙ علائقو آهي، جتي سوين گهراڻا آباد آهن. هتي جو گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي نينگرين لاءِ تعليم جو واحد سهارو آهي. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته هن اسڪول جا استاد پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائن ٿا پر هي اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهي. صاف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ سبب شاگردياڻيون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن.  اسان مطالبو ڪريون ٿا ته گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول ڏيپارجہ ۾ فوري طور تي سولر سسٽم لڳايو وڃي، جيئن بجلي جو مسئلو مستقل طور حل ٿئي، ۽ ساڳئي وقت فلٽر پلانٽ يا صاف پاڻي جي مشين لڳائي وڃي، جيئن شاگردياڻي ۽ استاد صحتمند ماحول ۾ تعليم جاري رکي سگهن۔

 عابد علي چانڊيو/ڏيپارجہ شهر تعلقو مورو

نِٽشي جو فلسفو: جيئن مون سمجھيو آ!!‎

شور، توجه جي کوٽ ۽ ڌارين عقيدن سان ڀرپور هن دنيا ۾ فريڊرڪ نِٽشي جو فلسفو سجاڳي جو زوردار سڏ ڏئي ٿو. نِٽشي اسان کي اهو نه ٻڌايو ته ڇا سوچجي، پر هن اسان کي پاڻ لاءِ زندگيءَ جا سوال سوچڻ جو چيو آهي. هن روايتي اخلاقيات، مذهب ۽ سماجي قانونن جي انڌي تابعداريءَ تي سوال اٿاريا۔ هن چيو “خدا مري ويو آهي”ـ اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هاڻي پراڻن قدرن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. نِٽشي جو “اوبرمينش” جو تصور اهو آهي جيڪو هجوم کان مٿي اٿي پنهنجي قسمت جو مالڪ بڻجي ٿو. اهو خيال اڄ جي دور ۾ به لاڳاپيل آهي. نِٽشي اسان کي سيکاري ٿو ته جدوجهد کي قبول ڪيو، پنهنجي قسمت تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ۽ پنهنجي اندر جي قوتن کي بيدار ڪيو. نوجوان نسل کي به رڳو روايتن يا ٻڌل ڳالهين تي هلڻ نه گهرجي۔ اسان کي سوال ڪرڻ، پراڻن عقيدن کي چئلينج ڪرڻ گهرجي ۽ ياد رکڻ گهرجي ته هر شيءِ ۽ هر خيال اسان جي ذهن سان لاڳاپيل آهي. اسان پنهنجن ئي خيالن جي پيداوار آهيون، جيئن فرانسيسي فلسفي ريني ڊيڪارٽ چيو هو: Cogito, ergo sum (مان سوچيان ٿو، تنهنڪري مان موجود آهيان).

سرمد ابڙو/ڪلفٽن ڪراچي

تڪراري 27 ھين ترمم ۽ صوبن تي اثر!‎

26هين ترميم جي تڪراري منظوري کان پوءِ حڪومت جي ايندڙ آئينِي ترميم بابت ڳالهيون عام ٿي ويون هيون. هاڻي، لڳ ڀڳ هڪ سال پوءِ هاڻ 27هين ترميم بابت حقيقتون سامهون آيون آهن.  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سامهون آندل ترميمن جي اثرن جو جائزو ورتو وڃي ته لڳي ٿو ته آئيني عدالت جو قيام پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو موقف رهيو آهي، تنهن ڪري هوءَ ان جي مخالفت نه ڪندي. البت، صوبائي نمائندگي جي فارمولن يا الڳ صوبائي آئيني عدالتن جي قيام بابت ڳالهين جي ضرورت پوندي. ججن جي منتقلي بابت تجويز وڌيڪ تڪراري آهي. ڇو تہ اها ججن کي بغير رضامندي جي منتقل ڪرڻ جو رستو هموار ڪندي، جيڪو عدليه جي آزاديءَ لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو. ايگزيڪيوٽو مجسٽريٽن بابت تجويز عدليه ۽ پوليس کان اختيارن کي ٻيهر بيوروڪريسي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ھن ترميم سان عوام ۾ بي چيني پيدا ٿيندي. عوام روڊن تي نڪرندو ۽ سنڌ جو عوام ته خاص ڪري ٻٻر لوءِ باءِ پاس کي بند ڪري ڇڏيندو.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

مڇرن جو آزار‎

يوسي مسڻ وڏي جي ٻين ڳوٺن جيان ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ به مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري نه رڳو ڳوٺ جا ماڻهو مليريا ۽ ڊينگي جو شڪار بڻجي رهيا آهن پر سندن مال متاع به سخت اذيت ۾ آهي افسوس جو هيستائين ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي طرفان نه ته مڇر مار اسپري ڪرايو ويو آهي نه ئي مڇرن کان بچڻ لاءِ مڇردانيون ۽ ٻيو سامان مليو آهي. ضلعي انتظاميا جي اهڙي بي حسي تي ڳوٺاڻا تمام گهڻو پريشان آهن ۽ سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪن ته مهرباني ڪري ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ مڇرمار اسپري ڪرائڻ سان گڏ مڇردانيون پڻ فراهم ڪيون وڃن جيئن هو پاڻ ۽ سندن چوپايو مال مڇرن جي حملن کان محفوظ رهي سگھن.

مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار