“پنهنجن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، اهڙي سياست کان پڪوڙا کپايان” اختر مينگل قومي اسيمبلي تان مستعفي

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد/ ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اختر مينگل چيو ته اڄ قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪريان ٿو، اها ڳالهه مون ڪنهن کي به ناهي ٻڌائي پر اڄ هن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي رهيو آهيان. هن چيو ته مان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، بلوچستان جون حالتون ڏسي فيصلو ڪري آيو هئس، مان رياست، صدر ۽ وزيراعظم تي بي اعتمادي جو اعلان ڪريان ٿو، پوري نظام تي بي اعتمادي ڪري رهيو آهيان. اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي معاملي تي ماڻهن جي دلچسپي نه آهي، مان پنهنجن ماڻهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، جڏهن به انهي مسئلي تي ڳالهايان ٿو ته بليڪ آئوٽ ڪيو ويندو آهي. ملڪ ۾ صرف نالي جي حڪومت رهجي وئي آهي، انهي سياست کان بهتر آهي ته مان پڪوڙن جي دوڪان کولي وٺان. 65 هزار ووٽرز مون کان ناراض ٿي ويا، انهن کان معافي گهران ٿو. هي ماڻهو بلوچستان جو مسئلي سمجهي ناهن سگهيا هاڻي ڪنهن به اداري تي ڀروسو ناهي رهيو. اختر مينگل وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ تمام گهڻن ماڻهن جو رت وهي چڪو آهي ان مسئلي تي سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، توهان کي منهنجي ڳالهين تي اگر اختلاف آهي ته توهان منهنجيون ڳالهيون صبر سان ٻڌو جيڪڏهن پوءِ به منهنجيون ڳالهيون غلط لڳن ته سزا قبول آهي، مون کي بيشڪ پارليامينٽ جي ٻاهران انڪائونٽر ڪري ڇڏيو يا ماريو پر ڳالهه ته ٻڌو، بي اين پي سربراهه وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ته خود چيو ته بلوچستان اسان جي هٿن مان نڪري چڪو آهي، آئين کي ٺاهيندڙن نه پاڻ کي بچائي سگهيا ۽ نه آئين کي، جڏهن انهن کي 4 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي ته اختر مينگل وٽ هليا ايندا آهن جڏهن ضرورت پوري ٿيندي آهي ته محمود خان اچڪزئي کي تحفظ آئين جو چيئرمين بڻايو ويندو آهي. هوڏانهن سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ کان قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق بيخبر نڪتو، صحافي جي سوال تي هن چيو ته مون کي استعيفيٰ جي خبر ناهي، استعيفيٰ منظور يا رد ڪرڻ تڪڙ ۾ ناهي ٿيندي، ان جو هڪ پروسيس هوندو آهي.

Leave A Comment