پنهنجن ماڻهن کي تڪليف ڇو؟ عدالت پاران بند رستا کولڻ جو حڪم

پنهنجن ماڻهن کي تڪليف ڇو؟ عدالت پاران بند رستا کولڻ جو حڪم

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ ڪاروبار ۽ روڊ رستا مسلسل بند رهيا، رستن جي بندش جو پشاور هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس عدالت آڏو پيش، جسٽس اعجاز چيو ته چوٿون ڏينهن آهي رستا بند آهن، ڇا صوبائي حڪومت ڪارروائي ڪئي؟ آءِ جي ڪي پي طرفان اڄ ئي روڊ رستا کولرائڻ جي خاطري ڪرائي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪمران جماعت پنهنجن ئي ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهي آهي، عدالت ڪي پي جا بند پيل سمورا رستا  کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.