پنهنجون جون چٺيون

ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ شھيد بينظير آباد  کي خط

عرض آهي ته اسان اوهان کي هن کان اڳ به هڪ خط ذريعي پنهنجي علائقي جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو هو، خاص طور تي گهٽين ۽ رستن جي خراب حالت بابت. اوهان مهرباني ڪئي اسان جي درخواست تي غور ڪندي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن  اولڊ نوابشاهه جي چيئرمين کي به هن معاملي بابت آگاهه ڪيو هو، جنهن لاءِ اسين اوهان جا تمام گهڻا شڪرگذار آهيون. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته چيئرمين صاحب طرفان اهو جواب ڏنو ويو آهي ته ٽائون وٽ في الحال فنڊ موجود نه آهن، تنهن ڪري گهٽين جي تعمير يا مرمت جو ڪم نٿو ڪرائي سگهجي. اسان لاءِ اها ڳالهه حيران ڪندڙ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن اولڊ نوابشاهه وٽ ايترو به فنڊ موجود نه هجي جو پنهنجي علائقي جي بنيادي سهولتن جهڙوڪ گهٽين ۽ رستن جي تعمير يا مرمت ڪرائي سگهي. اسان ٽيڪس ڏيندڙ شهري آهيون ۽ اسان جو اهو بنيادي حق آهي ته اسان کي بهتر بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. جيڪڏهن ٽائون انتظاميا فنڊ نه هجڻ جو عذر پيش ڪري ٿي ته پوءِ عوام جي مسئلن جو حل ڪير ڪندو؟ اهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو پاڻ کي بي وس محسوس ڪن ٿا. تنهن ڪري اوهان کي ٻيهر ادب سان گذارش آهي ته مهرباني ڪري هن معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون وڃن

امتياز حسين بروهي/ اولڊ نوابشاهه

ٿرپارڪر ۾ وڌندڙ خودڪشيون

ٿرپارڪر اڄڪلهه هڪ اهڙي الميي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سماج جي هر حساس دل کي لوڏي ڇڏيو آهي. ضلعي جي مختلف علائقن مان ايندڙ خبرون ٻڌائن ٿيون ته هتي وقت بوقت خودڪشين جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. هي رڳو انگن اکرن جو مسئلو ناهي، پر هر واقعي پويان هڪ ڪهاڻي آهي. غربت، بيروزگاري، سماجي دٻاءُ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انصاف جي کوٽ. جڏهن هڪ نوجوان يا خاندان جو ڪو فرد اهڙي حد تائين پهچي وڃي ٿو، ته اهو پوري سماج جي ناڪامي جو اشارو هوندو آهي. ٿرپارڪر ۾ خودڪشين بابت باقاعده ريسرچ ڪرائي وڃي، جيئن اصل سببن جي سڃاڻپ ٿي سگهي. ذهني صحت لاءِ مقامي سطح تي ڪائونسلنگ سينٽر قائم ڪيا وڃن. نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا وڌايا وڃن. تعليمي ادارن ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي. سماجي اڳواڻن ۽ استادن کي شامل ڪري گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي حڪومت، سماج ۽ هر فرد کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ته جيئن ٿرپارڪر کي هن دردناڪ رجحان کان بچائي سگهجي. زندگيءَ کي بچائڻ، ئي سڀ کان وڏو انصاف ۽ سڀ کان وڏي عزت آهي.

ڀيشم  ڪمار ڀيماڻي

استاد راشد مسعود عباسي

استاد ڪنهن به قوم جي تعليمي، اخلاقي ۽ فڪري تعمير جو بنيادي ستون آهن. اهي نه صرف علم جي روشني سان شاگردن جي ذهنن کي سنواريندا آهن، پر انهن کي زندگي جي صحيح رستن تي هلي اڳتي وڌڻ جو شعور ۽ حوصلو به ڏيندا آهن. مورو شهر ۾ اهڙي ئي سرگرم ۽ باوقار شخصيت سائين راشد مسعود عباسي آهي. پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو ٽائون جا هيڊ ماستر آهن ۽ استادن جي تنظيم گسٽا جي مرڪزي اڳواڻن مان پڻ آهن. سندن اثر ۽ خدمتون رڳو هڪ اسڪول تائين محدود نه آهن، بلڪه هو ضلعي ۽ صوبي جي استادن سان ويجهو رابطو رکن ٿا. استادن جي جائز حقن لاءِ سندن آواز هميشه بلند رهيو آهي ۽ هو هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته استاد پنهنجو وقار برقرار رکندي پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهي. سائين راشد مسعود عباسي شاگردن ۽ تعليم جي معاملن ۾ انتهائي سنجيده سوچ رکندڙ شخصيت آهن. سندن خواهش آهي ته هر شاگرد، خاص طور تي غريب ۽ وسيلن کان محروم، کي پنهنجي ويجهو معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي. دعا آهي ته هو پنهنجي علمي ۽ تعليمي خدمتن ذريعي استادن جي حقن ۽ سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ هميشه اهڙي ئي جذبي سان ڪم جاري رکن.

ايڊووڪيٽ هدايت الله سومرو

عيد خوشين سان گڏ ڏُکن جو ڏھاڙو

عيد جون خوشيون دروازي تي دستخط ڏئي رهيون آهن، عيد خوشين سان ڀرپور برڪتن وارو ڏھاڙو ھوندو آھي، جنھن ۾ ويجھي پري کان سڀ مٽ مائٽ گڏجي عيد جون خوشيون ملهائيندا آهن. ڪڏھن وري عيد سعيد خوشين سان گڏ ڏکن جو ڏھاڙو ھوندي آھي، ھزارين غم ۽ درد کڻي اينديون آهن. چوندا آهن ته رب جي ذات مان ڪڏھن به مايوس نه ٿيڻ گھرجي سڀ ڪم ڪار، ڏک درد، بيوفا محبوب جون اَذيتون گڏ ھجن ته پوءِ خوشين ڀري عيد جون خوشيون به عذاب بڻجي وينديون آهن، جنھن ڏکن دردن سورن صدمن کي ھڪ پاسي ڪري ساٿ رھندڙ دل جي دوستن سان رسمي طور عيد جون خوشيون ملهائينداسين. عيدون ته اُھي ملهائيندا آهن جنھن جا محبوب ھميشه ڀاڪُرن ۾ ھوندا آھن. اسان بدنصيبن جون ڪھڙيون عيدون جنھن کي ڦوھ جواني ۾ پنھنجو جگري يار ڇڏي ھليو وڃي.

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ