| پنهنجون وڃايل شيون جنن کان ڳولرائيندي آهيان: آمنه ملڪ |
ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان آمنه ملڪ جنن کان پنهنجي گم ٿيل شيون واپس گھرائڻ جو دلچسپ واقعو ٻڌايو آهي. تابش هاشمي جي پروگرام ”هسنا منع هي“ ۾ ڳالهايئندي آمنه ملڪ چيوته هڪ ڀيري گهر ۾ سندس پيسا۽ شيون گم ٿيڻ لڳيون، مونکي ڪنهن صلاح ڏني ته ايئن تڏهن ٿيندو آهي جڏهن گھر ۾ جن هجن، انهن سان ڳالهائين ته اهي شيون واپس ڇڏي ويندا. آمنه ملڪ موجب مون ايئن ئي ڪيو ۽ جنن سان ڳالهائيندي چيوته توهان جيڪي به آهيو مهرباني ڪري منهنجون شيون واپس ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ شام تائين مون کي منهنجون وڃايل پيسا واپس ملي ويا، هاڻي جڏهن به منهنجي ڪا شيءَ وڃائبي آهي ته آئون ائين جنن سان ڳالهائيندي آهيان ۽ منهنجون شيون واپس ملي وڃن ٿيون. جوائنٽ فيملي سسٽم (گڏيل خانداني نظام) جي مخالفت ڪندي آمنه چيوته هڪ گهر ۾ ٻه راڻيون نٿيون رهي سگهن، جڏهن ڀينرون ڀائر ٻارن جا والدين ٿي وڃن ۽ خاندان وڌي وڃي ته وڌيڪ جڳھه جي ضرورت هوندي آهي، ان سان گڏ رهڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. نه رڳو نهرون ۽ ڌيرئون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن پر ڀائر ۽ ڀينرن جا اختلاف به شروع ٿي ويندا آهن. ان ڪري هڪ حد فائين فاصلو برقرار رکڻ ضروري آهي ته جيئن محبت برقرار رهي.