| پنهنجو رت پيئندڙ نوجوان جي حالت خراب: اسپتال داخل |
ماسڪو (انٽريسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا ڳچي ۾ پئجي وئي، پنهنجو رت پيئندڙ نوجوان جي حالت خراب، ڊاڪٽرن وڏي جدوجهد به حياتي بچائي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روس ۾ 17 ورهين جي هڪ نوجوان انٽرنيٽ تي ڪلپ ڏسي رت وڌائڻ لاءِ تجربو ڪيو جيڪو کيس ڳچي ۾ پئجي ويو. صحت جي ماهرن موجب نوجوان سرنج ذريعي پنهنجو رت ڪڍيو ۽ پي ڇڏيو، ڪجهه ئي دير ۾ نوجوان جي حالت خراب ٿي وئي کيس الٽيون پڻ شروع ٿي ويون ۽ شديد بخار ۾ وٺجڻ بعد وارث کيس اسپتال کڻي آيا، ڊاڪٽرن وڏي جدوجهد بعد سندس حياتي بچائي ورتي . ڊاڪٽرن موجب پنهنجو ئي رت پيئڻ سان نوجوان جي جسم ۾ رت ري ايڪشن ڪري زهر بڻجي ڦهلجي ويو هو جيڪڏهن نوجوان کي بروقت اسپتال نه آندو وڃي ها ته سندس حياتي کي خطرو هو. ٻئي طرف نوجوان جو چوڻ هو ته هن انٽرنيٽ تي هيمو گلوبين وڌائڻ جو ڪلپ ڏٺو جنهن بعد رت وڌائڻ لاءِ ائين ڪيو