تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

پنهنجو پريس ڪلب … انصاف ڪريو: جوهي ۾ پورهيت جو ٻارڙن سميت احتجاج

جوهي: جواهي واسي پورهيت قربان چانڊيو معصوم ٻارڙن فيروز چانڊيو، جميل ۽ 8 ورهين جي نياڻي عائشا سان گڏجي جوهي پوليس جي زيادتين ۽ معصوم پٽ تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي، دادو جوهي روڊ تي بئنچون رکي احتجاج ڪندڙ پورهيت اڳيان چيو آهي ته منهنجو معصوم پُٽ جوهي ڀان روڊ تي احساس پروگرام آفيس اڳيان پاپڙ ۽ پڪوڙا کپائيندو آھي، جنهن کي ڪجهه ماڻھن پاپڙ وڪرو ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ بعد ۾ معصوم تي تشدد ڪيو. هن چيو ته پٽ تي تشدد ڪندڙ خلاف جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ ويس ته ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏنو، ھن چيو ته آئون پاڻ پورهيت آهيان ۽ پٽ به پورهيو ڪري ٿو تڏهن اسان جي گهر جو گاڏو هلي ٿو پر ڪجهه ماڻهن منهنجي پٽ کي پاپڙ وڪرو ڪرڻ به نٿا ڏين، هن چيو ته منهنجي پٽ کي تشدد جو نشانو بڻائي اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، پوليس به ڪيس نٿي وٺي، هن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته  ٻار تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *