| پنهنجو گهر ٻارن کي ڏيڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي: ترنم ناز |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) مشهور غزل ڳائڪ ترنم ناز پنهنجن مداحن کي پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي ڏک بابت آگاهي ڏني آهي تازو ٽيليويزن جي هڪ شو ۾ ترنم ناز چيو ته مون پنهنجي محنت جي ڪمائي مان پلاٽ خريد ڪيو ، جتي پنهنجي مرضي مطابق گهر تعمير ڪرايو، ان وقت ٻار ننڍا هئا، انهي ڪري مون اهو گهر کين ڏنو، ترنم ناز اداس انداز ۾ چيو ته جڏهن ٻار وڏا ٿيا ۽ مون انهن جون شاديون ڪرايون ته اهي گهر ۾ حصو گهرڻ لڳا هن وڌيڪ چيو ته جڏهن والدين پنهنجي ملڪيت جا پاڻ مالڪ هوندا آهن ته انهن جي حيثيت ۽ اهميت مختلف هوندي آهي. ڳائڻي ترنم ناز اعتراف ڪيو ته ٻارن کي پنهنجو گهر ڏيڻ منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي غلطي هئي، جنهن جو درد سڄي زندگي رهندو. ترنم ناز وڌيڪ چيو ته ٻار اڃا تائين فرمانبردار آهن پر جيڪڏهن گهر منهنجي نالي تي رهي ها ته صورتحال بهتر ۽ مختلف هجي ها. ياد رکڻ گهرجي ته ترنم ناز کي سندس مڌر آواز ۽ پي ٽي وي جي ڪلاسيڪل گيتن جي حوالي لاءِ ياد ڪيو ويندو آهي. هوءَ استاد عاشق حسين جي شاگردياڻي رهي آهي، هو ميڊم نور جهان سان به گهڻي مشابهت رکي ٿي. ڪلاسيڪل موسيقي ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي کيس پرائيڊ آف پرفارمنس سان پڻ نوازيو ويو آهي.