تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي … عمارت عاليشان پر پڙهائي پٽ تي!

هي قمبر جي ٻرڙا ڪالونيءَ جو سرڪاري بوائز پرائمري اسڪول آهي. اسڪول جي بلڊنگ هاڻي عاليشان تعمير ٿيل آهي. بهترين پڙهائيندڙ ماهر استادن جو عملو تدريسي عمل ۾ مصروف رهي ٿو. ٻارڙا فرش تي ويهي علم پرائي به سٺو رزلٽ ڏين ٿا. بوائز پرائمري اسڪول ۾ ميل ٽيچرس جي عملي سان فيميل هيڊمسٽريس بهترين ائڊمنسٽريشن قائم ڪري اسڪول هلائي رهي آهي پر هڪ وڏي کوٽ آهي اسڪول ۾ : جيئن خوبصورت مور ٽلندي نچندي جڏهن پنهنجي بدصورت پيرن کي ڏسندو آهي ته روئي پوندو آهي. تيئن خوبصورت اسڪول بلڊنگ ۾ شاگردن کي بنا فرنيچر جي هيٺ فرش تي ويهي تعليم پرائيندي ڏسي هر حساس انسان جي اک مان ڳوڙهو ضرور ڪرندو. هنن معصوم ٻارڙن کي آخر ڪهڙي ڏوھه ۾ فرنيچر کان محروم رکيو ويو آهي؟ ڇا هنن لاءِ به فنڊنگ مهم هلائڻي پوندي؟ اڄ مون ۽ ميڊم بيبي باگڙي اسڪول جي وزٽ ڪئي ۽ شاگردن سان يڪجهتيءَ طور انهن سان گڏ فرش تي ويهي رهياسين. (نثار ٻرڙو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *