تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي …

سوشل ميڊيا تي هي تصوير وائرل ٿي وئي آهي، اڪثر ماڻهو اها تصوير شيئر ڪري لکن ٿا ته تصوير کي عنوان ڏيو، منيش ڪمار اها پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي مختلف ماڻهن پاران تصوير کي مختلف عنوان ڏنا ويا، شبير نظاماڻي لکيو ته پاڻ ڊاهيان، پاڻ ٺاهيان، محمد حنيف ماڃوٺو لکيو ته ارتقا، سجاد لغاري لکيو ته ٿولهه ختم ڪرڻ ڏکيو آهي پر فٽ رهڻ لاءِ ضروري آهي. هڪ ٻي پوسٽ تي ايم صديق عنوان ڏيندي لکيو ته اها اوهان جي مرضي آهي ته اوهان ڇا ٿيڻ چاهيو ٿا، حيدر علي خان لکيو ت انسان پاڻ کي نکاري ٿو، اشتر عباس لکيو ته انسان کي ڪاميابي لاءِ پاڻ کي تراشڻو پوندو آهي.نديم مشتاق لکيو ته گهٽ کائڻ گهرجي. محمد امجد جويو لکيو ته اسان سڀني پنهنجو پاڻ تي پاڻ ڪم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته اهو مجسمو ميڪسيڪن آرٽسٽ وڪٽر هيوگو پاران تيار ڪيو ويو آهي، تصوير ۾ نظر اچي ٿو ته هڪ شخص هٿوڙي ۽ ڇيڙي سان پنهنجي جسم کي تراشي ٿولهه گهٽائي جسم کي سمارٽ بڻائي رهيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *