تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي

رڪشا هلائيندڙ والد ۽ ڌيءُ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن، تصويرن تي اهو مواد لکي شيئر ڪيو پيو وڃي ته ”هنج ۾ ويٺل ٻارڙي کي ڏسي مون سمجهو ته شايد نينگريءَ اڄ ضد ڪيو هوندو ته بابا آئون به گڏ هلنديس يا پوءِ هلڻ کانپوءِ ان کي رڪشا مان والد لاهي ڇڏيندو، پر جڏهن رڪشا هليو ته ڏٺو ته اها نينگر ريس ڏئي رهي آهي ۽ ان جو والد ٻئي طرف کان هينڊل کي پڪڙي نينگري کي ڪجهه ٻڌائي رهيو آهي، رستي ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيس، جڏهن منزل تي پهچي ويس ته ڪرايو ڏيڻ بعد پڇا ڪرڻ تي رڪشا ڊرائيور ٻڌايو ته هو هڪ ٻانهن کان معذور آهي ان ڪري نينگري ۽ اهو گڏجي رڪشا هلائيندا آهن، رڪشا ڊرائيور چيو ته مون کي اهو بلڪل پسند ناهي ته منهنجي ڌيءُ ڪنهن جي گهر وڃي صفائي ڪري يا آئون پاڻ فقير بڻجي پنان، هن طرح سان ٻارن کي تعليم به ڏياري رهيو آهيان ۽ گهر جو نظام به هلائي رهيو آهيان، خدا جو شڪر آهي خوش زندگي گذري رهي آهي“

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *