پنهنجي مفادن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين: چين جو اعلان

پنهنجي مفادن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين: چين جو اعلان

بيجنگ (م ڊ) چين چيو آهي ته هو پنهنجن جائز حقن ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ واشنگٽن ۾ چيني سفارتخاني جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ٽيرف لاڳو ڪرڻ خلاف چين جو موقف هميشه واضح ۽ مستقل رهيو آهي. ٽيرف جنگيون ۽ واپاري جنگيون ڪنهن لاءِ به فائديمند نه آهن. دٻاءُ ۽ جبر مسئلن جو حل نه آهن. تحفظ پسندي سڀني ڌرين جي مفادن کي نقصان پهچائي ٿي.