پنهنجي پاران … ديوان بهادر مُرليڌر پنجابي

                 انسان پنهنجي زندگيءَ جي مختصر ڏينھن ۾ ڪي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏئي ويندو آهي، جن جي ڪري تاريخ جا صفحا ان جي سچائيءَ ۽ خدمت جا ڳُڻ پيا ڳائيندا آهن. اهي ماڻهو بيحد ساراهه لائق هوندا آهن، جن پنهنجن سکن کي وساري ڏکويل عوام جي سکن لاءِ جتن ڪيا هجن. عوامي همدرديءَ جي ٺلهي هامَ ڀلي ڪوئي ڪيڏي به هڻي، پر حقيقت ۾ انهن امر ڪردارن جو ڪم پاڻ ڳالهائيندو آهي، جن بنا لوڀ جي خدا جي خلق جي خدمت ڪئي ۽ ڪٿي ادارا قائم ڪرائي ته ڪٿي عام ماڻھن جي حقن لاءِ وڙهندي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا. اهڙن ئي تاريخ اڏيندڙ  مثالي ڪردارن مان شڪارپور جو ديوان بهادر مرليڌر پنجابي به هڪ هو، جنهن شڪارپور جي ترقيءَ لاءِ عملي طور ڪم ڪري سماجَ کي سوجهرا ارپيا. هونئن به شڪارپور جي ترقيءَ ۾ هندو برادريءَ جي جن سُپُٽن پاڻ ملهايو، تن جي خدمتن کي اڄ تائين ڪوبه فراموش ڪري ناهي سگهيو. اڄ به جڏهن به ڪنهن محفل ۾ نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جو ڪو ذڪر نڪرندو آهي ته اهڙا ڪردارَ احترام مان ياد ڪيا ويندا آهن.

ديوان بهادر مرليڌر جئه رامداس پنجابيءَ جي ذهانت جا واقعا اڄ به نؤجوان نسل، ڪن عمر رسيده ماڻهن جي واتان ٻڌندو آهي ته جهٽ گهڙيءَ لاءِ من اندر ۾ اها آس پيدا ٿيندي اٿن، ته اسان به جيڪر مرليڌر جهڙا ٿيون! ڳالھه ڪندا آهن ته هڪ ڀيري ڪنھن ڪيس سانگي شڪارپور جي ڪورٽ ڏانهن پئي ويو، ته اوچتو سندس موٽرڪار کي جهاڪو آيو، جنھن سبب سندس ذهن مان ڪو قانوني نُڪتو نڪري ويو، جيڪو کيس ان ڪيس جي ٻُڌڻيءَ ۾ دليل طور پيش ڪرڻو هو. بس ڪورٽ پھچڻ جي دير هئي، جنھن ڪيس سانگي ڪورٽ پهتو، تنهن جِي ٻِي تاريخ وٺي، شڪارپور جي ميونسپل آفيسر تي ڪيس ڪيائين ۽ ان ڪيس ۾ پنهنجي موقف ۾ چيائين ته: ”شڪارپور ميونسپالٽيءَ وارن اڻڄاڻن کي شھر جي روڊن جو ڪوبه خيال ناهي. مونکي اڄ جهاڪو آيو آهي، تنھن سبب منھنجو نقصان ٿيو آهي. تنھن جو مونکي جرمانو ڀري ڏنو وڃي!“

شڪارپور ميونسپل تي ڪيس ڪرڻ جي دير هئي. اها خبر شهر ۾ باهه وانگر ڦھلجي وئي. مقامي اخبارن ۾ سُرخيون ڇپيون. شھر جا معزز ماڻهو، چار چڱا ۽ سندس سنگتي وٽس اچي ايلازُو ٿيا… ميڙ منٿ ڪيائون… تڏهن وڃي سندس ڪاوڙ ٿڌي ٿي ۽ ڪيس واپس ورتائين. هي اهو دؤر هو، جڏهن ماڻهن سان گڏ ادارن ۾ به لحاظ ۽ قدر هوندو هو. سو ميونسپل آفيسر به دير نه ڪئي ۽ شهر جي روڊن رستن جي مرمت جو ڪم ڪرائڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو. چيو ويندو آهي ته شڪارپور ۾ ديوان بهادر مُرليڌر جي مدِ مقابل بيهڻ وارو ڪو ٻيو وڪيل ئي نه هو. پير علي محمّد راشدي، پنهنجي ڪتابَ “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ شڪارپور جي شُھرت جا ٽي حوالا، نالن جي صورت ۾ ظاهر ڪيا آهن. جن ۾ “منشي پوڪرداس” ۽ “شهيد الله بخش سُومري” سان گڏ ديوان بهادر مرليڌر جو نالو شامل ڪري لکيائين ته، “شاهد جي آڏي پڇا لاءِ اُٿندو ته مقدمي جون ٿڳڙيون نڪري اينديون!”

اصولن جي پاسداري ڪندي ڪنهن جي مٿان ڏمرجي ته کيس ڪيس ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريندو هو. شڪارپور جي مشهور ڪوي، قلمڪار، صحافي ۽ سياستدان، ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ سان ان ڳالھه تي اٽڪيو ته سندس هفتيوار اخبارَ “اخبار وطن” ۾ “عدم تعاون تحريڪ” جي حوالي سان ڪو مواد شايع ٿيو هو. ان ڳالهه تي ڊاڪٽر ڦيرواڻيءَ کي جيل موڪلي ڇڏيائين. اهڙي واقعي کانپوءِ شڪارپور ۾ سياسي هلچل وڏو زور ورتو هو. ڊاڪٽر ڦيرواڻي ڪانگريسي هو، سو ڪانگريس وارن کيس ستت ئي جيل مان آزاد ڪرائي ورتو. ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي به جوشيلو هو. سو شھر جا چار چڱا گڏ ٿي مسٽر ٽي.ايل. واسواڻيءَ وٽ وڃي پهتا. جيڪو وچ ۾ پيو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايائين. ديوان بهادر مرليڌر پنجابي پنهنجي ذهانت ۽ مثبت تعميري قدمن سبب شڪارپور سميت سڄيءَ سنڌ اندر مشهور ٿيو. نه صرف ان دؤر تائين پر ڪي وڏي وَهيءَ وارا شخص اڄ به ڪنهن کان ڪا چڱي ڳالهه ڪندي ٻڌندا ته ازخود سندن واتان اهي لفظ نڪرندا آهن ته: “اهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي ڄڻ مرليڌر وڪيل هجين!!”

ديوان بھادر مرليڌر، شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ جو صدر پڻ رهيو. جنهن عهدي تي رهندي سندس اهم ڪارنامو اِهو رهيو ته سندس ڪوششن سان 1924ع ۾ شڪارپور ۾ پهريون ڀيرو ‘پاور هائوس’ قائم ٿيو، جنهن تحت “شڪارپور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني لميٽڊ” بجليءَ جي پيداوار ۽ فراهمي ورهاڱي کانپوءِ تائين جاري رکندي آئي. مرليڌر، شڪارپور ميونسپالٽيءَ جي صدر جي عهدي تي رهڻ دؤران شڪارپور جي ترقيءَ جي راهن ۾ رڪاوٽ  بڻجندڙن لاءِ سخت گير پڻ ثابت ٿيو ۽ شھر جي ترقيءَ ۾ حائل هر رڪاوٽ پري ڪري شهر جي ترقيءَ ۾ خوب مثبت ڪردار ادا ڪيائين.

سنڌي ادب ۾ بهترين نثر لکڻ واري شڪارپور ڄائي شري لوڪرام ڏوڏيجا، پنهنجي ڪتاب “منهنجو شهر منهنجا ماڻهو” ۾ لکيو ته: “جيئن ڪراچيءَ کي جمشيد نسروانجيءَ ٺاهيو، تيئن شڪارپور کي ٺاهڻ وارو ديوان مرليڌر هو. هُو گهڻا ئي سال شڪارپور ميونسپل جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو آهي. هن جي ايامڪاريءَ ۾ ئي شهر جو سڌارو ٿيو… اسڪول ۽ اسپتال، تعليم ۽ صفائيءَ جو پورو بندوبست ٿيو ۽ باغ باغيچن سان شهر سندر بڻجي پيو… هو پنھنجي وقت ۾ سنڌ جو پهريون قابل ماڻهو هو… ديوان مرليڌر جي لياقت ۽ قربانيءَ، شڪارپور جو مان مرتبو وڌايو. هو شهر جي پبلڪ جيون جو ابو هو، پر شڪارپورين هن جو قدر ڪونه ڪيو. 1936ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو ۽ سيٺ دولت رام کان هارايائين. عقل، علم ۽ گهڻن سالن جي سيوا سامهون دل شڪسته ٿي ويو.”

شڪارپور ۾ دُکي انسانن سان همدردي رکندڙ راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا شڪارپور ۾ اسپتال پئي ٺهرائي ته ديوان بهادر مرليڌر پنجابي اسپتال جي اڏاوتي ڪميٽيءَ جو چيئرمئن هو. اسپتال ۾ اڄ به ڏسبو ته ورانڊي ۾ لڳل ڪَتبن تي سندس نانءٌ لکيل نظر اچي ٿو. پاڻ جڏهن شڪارپور ۾ “شنڪرانند ڀارتيءَ وارو مندر” ٻيهر تعمير ڪرايائين ته ديوناگريءَ ۾ پنهنجو نالو چرنن ۾ لکرائي پنهنجو پاڻ کي عاجزيءَ وارو ثابت ڪيائين. شڪارپور ۾ تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ به سندس مايا واري هَـڙَ سدائين کليل رهي. پنهنجي ڌرمي پتني شيامي ٻائيءَ جي يادگيريءَ ۾ “هاٿيدر پرائمري اسڪول” جي بلڊنگ تعمير ڪرائي ڏنائين. شڪارپور ۾ سندس ڌرم پتنيءَ جي نالي پٺيان هڪ ‘ڪنّيا پاٺشالا’ پڻ هلندي هئي. لوڪرام ڏوڏيجا لکي ويو آهي ته سماڌا آشرم شڪارپور ڀرسان “ساڌُن جي مندر” ۽ “آئرا گئون شالا” جي وچ ۾ سندس باغ به هو. شڪارپور واري پنسارڪي بازار ڏانهن ويندڙ رستي ۾ هڪ حويلي سندس نالي سان منسوب آهي. چيو وڃي ٿو ته پاڻ ان حويليءَ ۾ ئي رهندو هو. هن يگاني انسانَ جو 20 نومبر 1938ع تي شڪارپور ۾ ديهانت ٿيو ۽ اڄ شڪارپور جي هن معمار جي 87هين ورسي آهي.

[email protected]