ساميءَ جو اصل نالو ڀائي چين راءِ ۽ سندس پِتا جو نالو بچُو مل لُنڊ هو. تاريخي، علمي ۽ ادبي ڪتابن ۾ درج آهي ته، “هُو اروڙونسي هندن مان هو. سندس وڏا شڪارپور ۾ افغانن جي دؤر ۾ اچي آباد ٿيا هئا.” ڪي روايتون اهي به ڇپيل آهن ته ساميءَ جا وڏا اصل ۾ شڪارپور جا رهواسي هئا. مگر اهي روايتون تحقيق طلب آهن.
سنڌ جي شاهوڪار شهرَ شڪارپور ۾ ساميءَ جو جنم 1743ع ڌاري ٿيو. ساميءَ جي جنم جي حوالي سان قلم ڌڻين جا مختلف رايا آهن. اڪثر اديبن ۽ عالمن سندس جنم جي مٿين سال کي صحيح تسليم ڪيو آهي، پر ڪن 1730ع لکيو آهي. جڏهن ته ڪجهه ٻيا ليکڪَ 1787ع ڌاري ساميءَ جو جنم ڄاڻائين ٿا. ساميءَ جو پيءُ خوشحال ۽ ڌن دولت وارو هو. سندس باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ته نٿي ملي، ها مگر ايترو يقين سان ٻڌايو ويو آهي ته هو عام هندن جيان واپاري هو، پر ڇا جو واپار ڪندو هو، تنهن جي پڪي پروڙ نٿي پئي. سامي ننڍپڻ کان ئي منَ جو اُجرو ۽ ٻيائيءَ جي ٻَکَ کان دُور هو. هن پنهنجي پِتا جي خوشحاليءَ جو سھارو ڪونه ورتو ۽ دولت کي پنهنجي منزل بڻائي مورُوثي آسائش جي ماڳ تي پھچي روح کي راحت رسائڻ جا حيلا ڪونه ڪيائين. هن ته دورنگيءَ دنيا کي ٿُڏي حق ۽ سچ جي وائي عام ڪرڻ جا جتن ڪيا. هن کي ‘سيٺ’ چورائڻ بدران ‘ڀائيءَ’ جي لقب کي پنھنجي نالي ساڻ سلھاڙڻ سٺو لڳو. هو هميشه مالڪ جي ڏني تي راضي رهيو. محنت کي محبت سان انجام ڏئي ڌڻِيءَ جي رضا کي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو.
دلبر جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو؟
جنهن جو روپ نه رنگ ڪو،
جڏهن ملندءِ يار، پوندءِ سُڌ سروپَ جي
ساميءَ جڏهن شعور واري وهيءَ ۾ پير پاتو ته شڪارپور جي هڪ هندُو ــ سيٺ گنگارام ٽنڊڻ ملاڻيءَ وٽ ڪم ڪرڻ لڳو. اهو سيٺ ڪپڙي جو واپاري هو ۽ ايران توڙي خراسان جي واپارين سان سندس واپاري تعلق هو. سامي ان سيٺ وٽ ڪميشن تي ڪم ڪندو هو. سامي، سيٺ وارو مال پنجاب کڻي وڃي، وڪڻي سيٺ کي نفعي سميت پئسا آڻي ڏيندو هو. بدلي ۾ سيٺ وٽان جيڪو ملندو هئس، سو صبر ۽ شڪر سان وٺي حرص ۽ لالچ کان پَرڀرو ٿي پنهنجو گذر ڪندو هو. ساميءَ تي ڪيل تحقيق مان اها به ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ساميءَ کي شڪارپور ۾ پنهنجو دوڪان به هو، پاڻ ڪپهه جو واپاري هو. جيڪو شخص پاڻ واپاري هجي ۽ تاجر طبقي سان سندس تعلق هجي، سو پئسي کي نه ته اهميت ڏئي ۽ نه ئي وري ان جي لالچ ۾ پوي، مٿان وري اهڙي دولت کي ‘منهنَ ڪارِي’ سڏي، سو پڪ سان ساڌُن جي سنگت ۽ صحبت اختيار ڪري چڪو هوندو، جيڪي مالڪ جي ٿوري ڏنل کي به گهڻو سمجهي شڪر ادا ڪري زندگي گذارڻ کي پنھنجو نصب العين بڻائيندا آهن.
اها حقيقت آهي ته ساميءَ جو تعلق جنھن شهر سان هو، تنهن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مندرَ ۽ مڙهيُون هيون. ان شهر ۾ ڪيترائي درويشَ، ساڌُو، سنتَ ۽ مها پُرشَ اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ ستسنگ ڪندي حق جي وائي بلند ڪندا هئا. ساميءَ جو پھريون گهر شڪارپور ۾ “جڳل پياري ٿان” جي ڀرسان هوندو هو، جيڪا هڪ مشهور درٻار آهي. اُتي ٿيندڙ ڌرمي ميڙن ۽ ستسنگ جو مٿس اثر ضرور پيو هوندو، پر اها ڳالهه به واضح ٿي ڏسجي ته هو ڌرمي ڪٽرپڻي کان آزاد ۽ مالڪ جي بهترين تخليق ‘انسان’ سان بنا ڪنھن مذھبي متڀيد جي پيار ڪرڻ وارن مان ثابت ٿيو. ساميءَ ته ڌرم جي نالي تي ڦُرڻ وارن کي به خوب ننديو آهي.
ساميءَ جي شخصيت تي سڀ کان وڏو اثر سوامي ميگهراج ٻانڀڻ جو پيو، جيڪو بھاولپور جو ويٺل هو ۽ هاٿيدر تي اچي ڪنهن مڙهيءَ ۾ ٽِڪيو هو. ساميءَ جي پِتا، پنھنجي پٽ کي سوامي ميگهراج جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ۽ سندس گيان کي من سان سوئيڪار ڪرڻ واري ڳالهه کي پرکي ورتو ۽ ڌرمي سکيا پرائڻ لاءِ پُٽ جو هٿ سوامي ميگهراج کي ڏنو. چيو وڃي ٿو ته سوامي ميگهراج ٻانڀڻ شعر به لکندو هو ۽ ويدانت توڙي ڪاويه جو پنڊت هو.
اوچتو اچي، سڄڻ بيٺو سامهون
‘سامي’ سڏ ڪيو چوي، ڪو اڱڻ منجهه اچي
سمجِهي ڪنھن سچي، اها ڳالھه آگمَ جي
سامي چين راءِ ، سوامي ميگهراج ٻانڀڻ کي پنهنجو مرشد بڻايو ۽ سندس ‘ششيه’ ٿي حق ۽ سچ جي وائيءَ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ امرتسر ويو. جڏهن چاليھن ورهين جو ٿيو ته فقيراڻو ويس ڪري، سَنتن جي صحبت ۽ عارفن جي گفتار کي اختيار ڪري پنھنجي قولَ ۽ فعل ۾ اڃا وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿي شڪارپور موٽي آيو ۽ هتي پنهنجي اعليٰ اخلاق سان آدرشي رهڻي ڪھڻي اختيار ڪري مرشد جي ڳالهه ۽ سَنتن جي سُخن کي پنهنجي ٻولن ذريعي بيان ڪرڻ ۾ لڳي ويو:
جن کي جاني ياد، آءٌ ياد ڪريان نت تن کي
‘سامي’ مليا سپرين، پرچي تن پرساد
تن من ارپيان ڀاوَ سان، ڇڏي واد وِواد
اها آد جڳاد، واٽ بڻي ويساهه جي
شڪارپور ۾ هو هر هڪ سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو. نياز نوڙت جو اهو عالم جو مسلمانن سان به مجلسون ڪندو هو، ته هندن سان به ملندو رهندو هو. شاعريءَ جو ڏانءٌ قدرت واري طرفان عطا ٿيس ته سلوڪَ (اشلوڪَ) لکي من اندر جي ڳالھه ننڍن پنن تي لکي مَٽَ ۾ وجهندو ويندو هو. سندس ڪويتائن کي ‘سلوڪ’ چئجي ٿو، جيڪي ساميءَ جي حياتيءَ ۾ ته ڪڏهن ڇپجي ظاهر ٿي نه سگهيا، پر اڄ عام جام دستياب آهن. سندس پيغام جو حاصل مطلب اهڙو ئي آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن پنهنجي ڪلام ۾ ڏنو آهي، البته ويدانت جو فلسفو سندس سلوڪن جو خاص امتيازي رنگ هو.
سامي 80 سالن جو ٿيو ته هڪ پٽ ڄائس، جنهنجو نالو ‘گهنشام داس’ رکيائين. پاڻ 1850ع ڌاري شڪارپور ۾ ديھانت ڪري ويو. پرلوڪ پڌاري پورا 35 ورهيه گذريس ته ديوان ڪؤڙي مل کلناڻيءَ سندس سلوڪن کي پھريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس پُٽ شڪارپور واري جاءِ وڪڻي امرتسر وڃي رهيو.
مايا ڀُلائي، وڌو جيءُ ڀرم ۾
اڻ هوندي دريا ۾، غوطا نت کائي
‘سامي’ ڏسي ڪينڪي، منهن مڙهيءَ پائي
ستگر جاڳائي، ته جاڳي جڙي پاڻ سان
ـــــــــــ
اندر ڏس پيھي، ته آهي ڪير قلوب ۾
صحيح ڪر سروپ کي، من هنسا ڏيئي
ته ‘سامي’ سڀيئي، درد مٽنئي دم ۾
ــــــــــ
ويد پراڻ پڙهي ڪري، ٿو لوڪن ريجهائين
سپيريان جي سڪ ۾، جهاتي نه پائين
چاهه نه چڪائين، تون پسي ڪيئن پرين کي!
ــــــــــ
جنھن کي لڳي سِڪَ، ‘سامي’ سُپرين جي،
مٽي تنھنجي من مون، ٻي سڀائي ڇِڪَ
مُورت محبوبن جِي، سڀ ۾ ڏسي هِڪَ
راتيان ڏينهن ٽِڪَ، لائي ويٺو لک سان
ــــــــــ
سارو جڳ نچي ٿو، منن جي محلات ۾
اٺئي پھَر اندر ۾، بنا باهه پچي
ڪؤڙين ۾ ڪو هڪڙو، بلا کون بچي
جنھن کي درشت اچي، ‘سامي’ سورج سِرَ تي