پنهنجي ڌرتي تي پاڪستاني پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا، قاتلن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين: ايران
جنوري 29, 2024
تهران (م ڊ) ايران پنهنجي زمين تي 9 پاڪستان پورهيتن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي خاطري ڪرائي آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ امن دشمن کي روڪينداسين. ايراني ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سراوان ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو اهي ته ملڪ جي ڳجهين ايجنسين ۽ جاچ ادارن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حملو ڪندڙن جو انگ 3 هو کين ڳولي قانون جي ڪٽڙي ۾ آندو ويندو. ايراني ترجمان ٻڌايو ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون ملن پيون هنن کان حملو ڪندڙن جا تفصيل ورتا آهن. ٻي پاسي سيستان بلوچستان صوبي جي گورنر واقعي تي چيو آهي ته پوليس افسوس جوڳي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري پئي ۽ جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين. ٻئي پاسي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايران پاڪستان جي سلامتي کي پنهنجي سلامتي سمجهي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ترقي تهران جي ترجيح آهي. ابراهيم رئيسي اهي ڳالهيون تهران ۾ پاڪستان سفير مدثر ٽيپو سان ملاقات ۾ چيون، پاڪستان سفير ايراني صدر کي سفارتي سندون پيش ڪيون. ان موقعي تي ايراني صدر پنهنجي ملڪ ۾ 9 پاڪستان پورهيتن جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته تهران پاڪستان سان هم آهنگي ۽ سٺي پاڙيسري تي ٻڌل پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان سان بدامني پکيڙڻ بدران امن کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان تهران سان ڀائراڻن لاڳاپن جي نئين باب جي شروعات لاءِ تيار آهي، پاڪستان دشمنن کي گڏيل سرحد مان فائدو وٺڻ جي اجازت نه ڏيندو.