پنوعاقل:عورتون پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ: علي گوهر مهر جو ڪو به ڪردار ناهي: ايس ايس پي سنگهار ملڪ
جُولاءِ 22, 2023
پنوعاقل/ڪراچي (رپورٽر+ مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ پنوعاقل مان اغوا ٿيل عورتن ۽ ٻارڙي کي مقابلي ۾ آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
ايس ايس پي چيو آهي ته پوليس مقابلي کانپوءِ عورتن کي نينگري سميت آزاد ڪرايو ويو آهي، علي گوهر مهر جو ڪو به ڪردار ناهي نه ئي ڪا راڄوڻي ٿي آهي، پوليس آپريشن ڪري عورتن کي آزاد ڪرايو آهي
ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي چيو ته پوليس جي دٻاءُ سبب عورتن کي ڇڏيو ويو آهي، عورتن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو، اسان نٿا چاهيون ته علائقي ۾ قبائلي تڪرار ڪر کڻي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو، ڪلهوڙا ڌر جا ماڻهو ٿاڻي تي موجود آهن، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي
پوليس رضا گوٺ ۾ آپريشن ڪري مهر برادري جي گهرن جو گهيرو ڪيو، پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي
پوليس مقابلي کانپوءِ ٻن عورتن کي آزاد ڪرائي ورتو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي