| پنوعاقل جي ڪچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پلاند ۾ نوجوان قتل |
پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل جي ڪچي ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي پلاند ۾ قتل ڪري ڇڏيو، رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورھين جي غلام مصطفيٰ مھر کي قتل ڪري ڇڏيو ،جڏھن ته ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، رضا ڳوٺ پوليس مارجي ويل غلام مصطفيٰ مھر جي مڙھ کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتي جتان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا جڏھن ته پوليس ذريعن جو چوڻ آھي ته ھٿياربندن سال اڳ روھڙي جي ڇونھارا منڊي ۾ قتل ٿيل نوجوان ادريس جنگو مھر جي پلاند ۾ فائرنگ ڪري غلام مصطفيٰ مھر کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته واقعي بعد ڪچي ۾ پوليس جي وڏي نفري اماڻي وئي آھي.