پنوعاقل مان اغوا ٿيل عورتن جي آزادي لاءِ آپريشن جون تياريون: سانگي ٿاڻي جو ايس ايچ او عملي سميت معطل

جُولاءِ 22, 2023

سکر (رپورٽر) ڊي آءِ جي سکر سانگي ٿاڻي جي حد ۾ٿيل واقعي جو نوٽيس ورتو، سانگي ٿاڻي جي ايس ايچ او کي سموري عملي سميت معطل ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي مغوي عورتن جي آزاديءَ لاءِ پني عاقل ٿاڻي ۾ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي عورتن جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، مغوي عورتن جي بازيابيءَ لاءِ ٿيندڙ آپريشن ۾ٽن ضلعن جا اهلڪار حصو وٺندا

گذريل ڏينهن پنوعاقل ڀرسان جوڙو نڪرڻ بعد نوجوان تي گهر تي حملو ڪيو ويو هو، 2 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا، ٻن عورتن ۽ ٻارڙي کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا

سوين هٿياربند 3 ٿاڻا ڪراس ڪري ڳوٺ پهتا هئا ۽ آساني سان واپس هليا ويا هئا، سانگي ٿاڻي آڏو هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي، اهلڪار لڪي ويا هئا

Leave A Comment