پنوعاقل ويجهو ڪارنھن الزام ھيٺ عورت قتل

جُون 24, 2025

پنوعاقل (پنهنجي ڊيسڪ )پنو عاقل  ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل، پنو عاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار صابر پنجابي پنھنجي ڀيڻ صابران کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ،جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪارنهن الزام هڻي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويوآهي، کيس جلد حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل