پنوعاقل ويجھو مبينا طور پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت قتل، نينگري زخمي

پنوعاقل ويجھو مبينا طور پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت قتل، نينگري زخمي

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ ڳڙهي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل، نينگري زخمي، پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي حد ڳوٺ ڳڙهي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت ڀائنڀيڻ مهر مارجي وئي، جڏھن ته نينگري شھربانو زخمي ٿي پئي، قتل ٿيل عورت جو لاش ۽ زخمي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف مقتولا جي وارثن جو چوڻ هو ته جوابدارن گھر تي حملو ڪيو، جنھن سان گڏ عالماڻي برادري جا ماڻهو به ھئا جن جي فائرنگ ۾ عورت قتل ٿي وئي آهي، جڏھن ته پوليس جو چوڻ هو ته مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي جھيڙي تان واقعو پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا .