| پنوعاقل ويجھو مهمان ٿي آيل نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ قتل |
پنوعاقل (نديم بوزدار وٽان) پنوعاقل ڀرسان مهمان ٿي آيل نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ قتل، بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي مهر ۾ مهمان ٿي آيل رضا ڳوٺ واسي نوجوان صابر جنگو مهر کي جوابدارن ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي سئوٽ چيو ته هو ۽ سندس سئوٽ مهمان طور ترسيل هئا، جتي جوابدارن انيس ۽ عمران مهر اڌ رات جو ننڊ مان جاڳائي کڻي وڃڻ بعد نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بائجي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان کي جوابدارن ڀاڄائي سان ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن،ٻي طرف ڪامران مهر پنهنجي زال دلشان خاتون سان گڏ دانهيندي چيو ته ڪارنهن جا الزام بي بنياد آهن، ناري دلشان خاتون چيو ته مقتول صابر منهنجي ڀائرن وانگي هو، ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي، هنن چيو ته زندگين کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.