| پنوعاقل ويجھو پسند شادي تڪرار تان پلاند ۾ نوجوان قتل: ڀاءُ زخمي: لاش رکي ڌرڻو |
پنوعاقل/سلطانپور (نمائندن وٽان) پنوعاقل ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد فقير ڳوٺ وٽ انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي شادي تان شروع ٿيل تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل سوار ٻن ڀائرن کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ٿيل ٻنھي ڀائرن کي علاج لاءِ سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران ھڪ ڀاءُ حافظ عمران انڍڙ دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ طارق انڍڙ علاج ھيٺ آھي، هوڏانهن وارثن پاران مارجي ويل نوجوان جو لاش رکي چونگھا چوڪ وٽ قومي شاهراهه تي تي ڌرڻوهنيو، اڳواڻن چيو ته جوابدارن ظلم ڪيو آهي، سرعام اسان جي نوجوانن کي گوليون هنيو ويون آهن، پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس پھچي ڪري مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪيون جڏھن ته انڍڙ برادري جي چڱي مڙس علي گوھر خان انڍڙ جي پھچڻ ۽ پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.واضح رھي ته ڪجھه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان الھجڙيو انڍڙ کي قتل ڪيو ويو ھو، جنھن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جيل ۾ آھن، مقتول الھجڙيو انڍڙ جي پلاند ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن عمران انڍڙ ۽ طارق انڍڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو جن مان علاج دوران ھڪ ڀاءُ عمران انڍڙ دم ڏئي ڇڏيو.