پنوعاقل ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان گهٽا ڏئي زال قتل، هڪ ڄڻو زخمي

پنوعاقل ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان گهٽا ڏئي زال قتل، هڪ ڄڻو زخمي

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ پنهنجي گھرواري کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڄڻو ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي،  پنوعاقل ڀرسان جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ گھرواريءَ کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، دادلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شھبازي بلو ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ گھرواري مسمات عڪيلان کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ آيل ھمراھ مبين ولد محمد بخشو بلو کي به ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، مارجي ويل عورت جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته زخمي کي وڌيڪ علاج لاءِ سکر ريفر ڪيو ويو، مقتولا عورت جي مڙھ کي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ٻي پاسي پوليس ذريعن موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي سرڪار جي فرياد تي ايف آئي آر بعد جوابدار جي گرفتاري ظاھر ڪئي ويندي.