پنوعاقل: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ: موٽرسائيڪل سوار نوجوان قتل: هڪ ڄڻو زخمي

پنوعاقل: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ: موٽرسائيڪل سوار نوجوان قتل: هڪ ڄڻو زخمي

پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد موٽروي انٽرچينج وٽ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار شمن چاچڙ مارجي ويو، جڏھن ته ٻيو ساٿي امجد مھر زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان  حوالي سان پوليس ٻڌايو ته چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري ھڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدار فرار ٿي ويا، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.ٻي پاسي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته برادري جي ھٿياربندن فائرنگ ڪري اسانجي نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي.