پنوعاقل ڀرسان عورت گولي لڳڻ سبب فوت، واقعو اتفاقي قرار

پنوعاقل ڀرسان عورت گولي لڳڻ سبب فوت، واقعو اتفاقي قرار

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان عورت پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، ڳوٺ عالم خان جتوئي واسڻ مائي نجمه جتوئي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان وارثن بغير ڪنھن قانوني ڪارروائي جي لاش کڻائي ويا ، عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته گھر اندر رکيل ھٿيار مان اتفاقي گولي لڳڻ سبب عورت جو موت واقعو ٿيو آھي، ان ڪري قانوني ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاھيون. بائجي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي متعلق اطلاع مليا وارثن موقف اختيار ڪيو آھي ته عورت کي گولي اتفاقي لڳي آھي.