| پنوعاقل ڀرسان گهر کي باهه، معصوم ٻارڙي سڙي فوت |
پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان گھر کي باھ، معصوم نينگري سڙي فوت ٿي وئي، ڪچي جي ڳوٺ ستار ڏنو ۾ ڪمند جي ليبر تي ڪم ڪندڙ ڀيل برادري جي پورهيت جي ڪچي گهر کي چُلهه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، باهه سبب گهر ۾ ستل 6 ورهين جي معصوم ڪاجل ڀيل سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته گهر ۾ پيل ڪڻڪ، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان به سڙي رک ٿي ويو ،متاثر پنھنجي مدد کان تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي متاثرن واهر جي اپيل ڪئي آهي.