| پنوعاقل ۾ مهر-جتوئي تڪرار تان پيرسن قتل، هٿياربندن جي فائرنگ واري وڊيو وائرل |
پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي رضا ڳوٺ ڪچي ۾ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، هڪ ڌر جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن مارجي ويو، ھٿياربندن پاران فائرنگ ڪري جشن، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ان حوالي سان پنوعاقل جي رضا ڳوٺ واري ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين جي مالڪي تان شروع ٿيل جھيڙي گھر اجاڙي ڇڏيا، ھٿياربندن مرڻاڻي جتوئي ڌر جي پيرسن کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڌرين ۾ ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رھي، پنجن ڪلاڪن کانپوءِ پيرسن رمضان جتوئي جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش کي پوليس ڪچي طرف کڻائي وڃي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته هٿياربندن جي فائرنگ واري ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ھٿياربند جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪندي نظر اچي رھيا آھن، جڏھن ته جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي ڌرين ۾ جھيڙي سبب 16 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ڌرين ۾ جھيڙي سبب علائقو نو گو ايريا بڻيل آھي.