پنوعاقل: 2 عورتون ۽ ٻارڙي راڄوڻي ذريعي آزاد، ڪجهه وقت سام ۾ هونديون، مهر ڌر جي ناري واپس ڪرڻ جو شرط

جُولاءِ 22, 2023

پنوعاقل (رپورٽ: برڪت جهنڊير+نديم بوزدار) پني عاقل لڳ ڪلهوڙا برادريءَ جي اغوا ڪيل 2 عورتون ۽ نينگري بازياب ٿي ويون، ذريعن موجب سردار علي گوهر خان مهر جي حڪم تي عورتن کي واپس ڪيو ويو آهي

ڪلھوڙو برادري جون ٻه عورتون ۽ معصوم ٻارڙي راڄوڻي ڪوشش بعد بازياب ٿي ويون، گذريل ڏينهن نرڇ ۾ ڪلهوڙا براداريءَ جي 2 ڄڻن کي قتل ڪري عورتن ۽ ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو هو

ذريعن موجب سردار علي گوهر خان مهر جي حڪم تي عورتن کي واپس ڪيو ويو آهي، عورتن کي ڪجهه وقت سام ڪري ويهاريو ويندو،پوءِ مالڪن حوالي ڪيو ويندو، ذريعن موجب  مهرن کي به ڇوڪري واپس ڪرائي ويندي

وسيم ڪلهوڙو ۽ ناري امام زادي مهر پسند شادي لاءِ گهران نڪرڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، مهر ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري ڪلهوڙا ڌر جي ٻن عورتن کي ٻارڙي سوڌو اغوا ڪيو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • آءِ ايم ايف جو ٽيڪس  ڇوٽ کان انڪار :  حڪومت 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيو

  • اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورڇ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

  • ٿرڪول رٿا تي مقامي ماڻهو نظر انداز آهن: رياض چانڊيو

  • آڪاش انصاري قتل ڪيس، جوابدار بيان تان ڦري ويو