| پني عاقل جو پرائمري اسڪول بهه جي ڀانڊي ۾ تبديل، استاد ويزا تي ويل، تعليم کي ٻنجو |
پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ڀرسان اسڪول کي تالا لڳي ويا . رهواسين ڪلاسن اندر بُھه رکي ڇڏيو، ڀت جي چار ديواري اندر فصل پوکيا ويا آهن، استاد ويزا تي ويل ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل عروهُ الوثقىٰ پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪول بوائز ۽ گرلز اسڪول يعقوب انڍڙ جو دورو ڪيو، اسڪول سالن کان بند ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي جڏھن ته ڪلاس رومن کي علائقي واسين اوطاق بڻائي ڇڏيو ۽ چوپائي مال جو بُھ به ڪلاس رومن اندر رکيل ھو، اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل پاران اسڪول جو ريڪارڊ پڇڻ تي ٽي او پرائمري ۽ ٽي او پرائمري ايلمنٽيري کي ڇنڊ پٽي. ٽي او پرائمري پاران مطمئن نه ڪرڻ جھڙو جواب ڏيڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڊي سي سکر ۽ ڪمشنر سکر کي خط لکي ڇڏيو اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ڪمشنر سکر ۽ ڊي سي سکر کي اسڪولن جي حالت بابت رپورٽ لکي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو . اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ليٽر ۾ لکيو آھي ته گورنمنٽ گرلز يعقوب انڍڙ اسڪول ۾ 2 فيميل ٽيچر آھن مس پونم ديوي ۽ مس آسيه عباسي مقرر ٿيل آھن اسڪول جي عمارت تمام سٺي نموني ٺهيل آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن وقت اها ڳوٺاڻن طرفان جانورن جي چاري رکڻ جي جاءِ بڻجي وئي آهي. گرلز اسڪول ۾ 3 ڪلاس روم به شامل آهن هر هنڌ تي جانورن جو چارو پيل ھو ۽ ھڪ ڪلاس روم ته مڪمل طور هڪ ڳوٺ جي نوجوان طرفان ذاتي رهائش ۾ تبديل ڪيل ھو جنهن ۾ کٽ، کاڌو کائڻ لاءِ ٽيبل، ڪپڙا ٽنگيل ھئا جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر وڌيڪ ليٽر ۾ لکيو ته گورنمنٽ بوائز يعقوب انڍڙ جي دوري دوران ٽي او پرائمري ۽ ٽي او ايلمنٽيري دوري ۾ گڏ هئا پر افسوس آهي ته هو انهن استادن جا نالا نه ڏيئي سگهيا جيڪي هن اسڪول مان پگھارون کڻي رھيا آھن ھن لکيو ته اسڪول جي عمارت تمام چڱي نموني ٺهيل آهي ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ مڪمل مناسب آهي پر هن وقت اسڪول مڪمل طور غير فعال آھي ڪمرن ۾ تختا بليڪ بورڊ لڳل هئا پر هڪ به شاگرد نظر نه آيو ھن وڌيڪ لکيو ته اسڪول جي پڌر کي ھر ڪاھرائي ڪري پوک لاءِ تيار ڪيو ويو هو ۽ وڌيڪ جاچ ڪرڻ تي پتو پيو ته ان ۾ ڪڻڪ جا ٻج پوکيا ويا هئا اھو واضع طور ظاهر ڪري ٿو ته سرڪاري عمارت جو غيرقانوني ۽ غير قانوني طور استعمال ٿي رھيو آھي جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي دوري بعد تعليم کاتي جي اختيارين ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي .