| پني عاقل جي ڪچي ۾ پاڻي جي واري تي ويل پيرسن قتل |
پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي ۾ پاڻي جي واري ويل ھڪ ڄڻو ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. پنوعاقل جي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آھي ، مارجي ويل پيرسن جي واجد عالماڻيءَ جي لاش کي وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا جتي مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي ته ڪچي اندر مقادي تي زمين ورتل ھئي جتي ھو فصل کي پاڻي ڏيئي رھيو ھو ته اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي جاچ ڪريون پيا .