پني عاقل مان اغوا ٿيل نينگر عابد پٺاڻ آزاد نه ٿيو، ڪارا جهنڊا کڻي ريلي، ڌرڻو
مارچ 8, 2025
پنوعاقل(رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل جي مھراڻ ڪالوني مان اغوا ٿيل مغوي نينگر عابد پٺاڻ جي آزادي لاءِ بي نظير پارڪ کان شاندار ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، ريلي شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي پني عاقل جي چونگھا چوڪ وٽ قومي شاھراه تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪري نينگر جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڪيلن جمال ناصر بلو ، مغوي جي والد نورالدين پٺاڻ، دادن خان پٺاڻ، بابر مصطفي بوزدار، مجيد جسڪاڻي، قربان ڪلوڙ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ قومي شاھراہ تي ڌرڻو جاري آھي، جڏھن ته ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون آھن، ڌرڻي ۾ سکر پوليس طرفان ڊي ايس پي مشتاق شاھه جي اڳواڻي ۾ ٽيم موڪلي وئي جن پاران مظاھري جي اڳواڻن سان مذاڪرات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳالھايون ناڪام ٿيون ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل جمال ناصر بلو ۽ مغوي جي والد نورالدين پاران سکر پوليس جي ٽيم کي مغوي نينگر جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جواب ڏيئي واپس موٽائي ڇڏيو اڳواڻن جو چوڻ آھي ته جيستائين مغوي ٻالڪ آزاد نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رھندو.