| پنڊي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ گاڏي مان قانوندان ثناءُ الله ستي جو لاش هٿ |
راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پارڪ ٿيل گاڏي مان مشهور قانوندان ثناءُ الله ستي ايڊووڪيٽ جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب، موت جا ڪارڻ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون اچي سگهندا.