| پنڊي ٻڏي ويو، مراد شاهه ۽ ناصر شاهه استعيفا ڏين: سهيل سيال |
ڪراچي: پ پ ايم پي اي سهيل انور سيال وفاقي حڪومت تي طنز ڪندي چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ بلديات جو وزير ناصر شاهه استعيفا ڏين، پنڊي ٻڏي ويو آهي، سهيل انور سيال جي چٿر تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچي ويا، شرجيل انعام ميمڻ به سهيل انور سيال جي تقرير دوران ڀوڳ ڪندو رهيو جنهن تي به ٽهڪڙا گونجندا رهيا ،اسپيڪر شرجيل ميمڻ کي روڪي ڇڏيو، سهيل انور سيال چيو ته پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن وٽ مڪاني نظام ۽ نمائندگي موجود آهي، سنڌ ڪڏهن به نه ٽٽندي، سنڌ آهي ته پاڪستان آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ سنڌ ماءَ سان آهي.