| پنڪي جو سهولتڪارگرفتار: 800 گراهڪن جي نشاندهي: متحده ايم اين اي به قرضي آهي: انمول |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪوڪينڪوئين انمول عرف پنڪي جو سهولتڪارگرفتار، ان ڏس ۾ وفاقي حساس اداري ۽ پوليس گلستانِ جوهر ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي پنڪي نيٽ ورڪ جي اهم ڪردار ذيشان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. حراست ۾ ورتل جوابدار انمول عرف پنڪي جا اڪائونٽ سنڀاليندو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته منشيات جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم موبائل فرنچائيز ۽ موبائل بيلنس جي آڙ ۾ منتقل ڪئي ويندي هئي، رقم جي ادائيگي ۽ وصولي لاءِ نجي ڪميونيڪيشن جي فرنچائيز استعمال ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته پنڪي کان منشيات خريد ڪرڻ لاءِ گراهڪ آن لائن ايپس ذريعي ادائگي ڪندا هئا، جاچ اختيارين موجب حراست ۾ ورتل شخص جي بينڪ اڪائونٽن ۽ آن لائين ادائيگي ايپس جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گڏيل جاچ ٽيم گرفتار ملزم کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي هوڏانهن انمول عرف پنڪي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڪوڪين نيٽ ورڪ جا 700 کان 800 گراهڪ آهن، جن مان 150 مستقل گراهڪ آهن. هن دعويٰ ڪئي آهي ته شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪار منيب بٽ ۽ ساره نالي هڪ ماڊل اداڪاره پڻ سندس گراهڪن ۾ شامل رهيون آهن. هن ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي صادق افتخار ۽ سندس گهرواري جو نالو وٺندي دعويٰ ڪئي آهي ته صادق افتخار تي سندس 5 لک رپين جو قرض به آهي. جاچ اختيارين موجب انهن انڪشافن جي روشني ۾ فلم، ڊراما انڊسٽري ۽ سياسي حلقن سان لاڳاپيل وڌيڪ اهم نالا سامهون اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو دائرو به وڌايو پيو وڃي
| پنڪي جا 10 ڀائر ۽ ڀينر: رڳو 3 گينگ ۾ شامل |
ڪراچي: انمول عرف پنڪي جو ڪيس هاءِ پروفائل هجڻ سبب سندس گهرڀاتين جو به رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو، جنهن دوران انڪشاف ٿيو آهي ته پنڪي جا ڪجهه گهرڀاتي پڻ منشيات فروشي ۾ ملوث رهيا آهن، رڪارڊ موجب پنڪي جا 6 ڀائر ۽ 4 ڀينرون آهن، سندس ٽن ڀائرن رياض بلوچ، محمد ناصر ۽ شوڪت بخش جي منشيات فروشي ۾ ملوث هجڻ جا تفصيل سامهون آيا آهن، ذريعن مطابق ٽنهي ڀائرن جو رڪارڊ پڻ موجود آهي،جڏهن ته انمول عرف پنڪي جو ڀاءُ شوڪت بخش منشيات فروشي لاءِ خاص ڪارندي طور ڪم ڪندو رهيو آهي، پنڪي جي ٽنهي ڀائرن خلاف آرمس آرڊيننس ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن. رپورٽ موجب جوابدار شوڪت بخش سال 2024ع ۾ بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گرفتار ٿيو هو، جيڪو عدالت مان بري ٿي ويو، جڏهن ته رياض بلوچ ۽ ناصر خلاف سچل، گذري ۽ بوٽ بيسن ٿاڻن تي به ڪيس داخل آهن
| ڪراچي ۾ 2 ڪروڙن جي پنڪي گولڊ هلندي هئي: انمول |
ڪراچي: منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ آفيسر منهنجي ڀاءُ کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪري رشوت وٺي ڇڏي ڏيندو هو. ابتدائي جاچ موجب پنڪي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪراچي ۾ هر مهيني 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ منشيات وڪرو ڪندي هئي، پنڪي جي استعمال هيٺ 2 موبائل سمون افضل ۽ صابره بي بي جي نالن تي رجسٽرڊ هيون، پنڪي موجب هوءَ ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس کي هر مهيني لکين رپيا ادا ڪندي هئي، جڏهن ته هڪ پوليس آفيسر سندس رائيڊرن کي حراست ۾ وٺي مجموعي طور هڪ ڪروڙ رپيا رشوت ورتي. پنڪي موجب ڄاڻايل پوليس آفيسر کيس ايترو تنگ ڪيو جو مون کيس قتل ڪرائڻ جي منصوبابندي به ڪئي، پنڪي جاچ دوران ٻڌايو ته لاهور کان منشيات موڪلڻ لاءِ انٽر سٽي بسن جو استعمال ڪيو ويندو هو، جڏهن ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ بعد سمير جي نالي تي بئنڪ اڪائونٽ کولرايو ويو،ابتدائي جاچ موجب منشيات مان حاصل ٿيندڙ رقم موبائل ايپس ذريعي موڪلي ۽ وصول ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته رقم جي منتقلي لاءِ ذيشان جي نالي تي به بئنڪ اڪائونٽ کوليو ويو،
قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار پنڪي سان رابطي ۾ رهيا: رپورٽ
ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار پنڪي جي نيٽ ورڪ سان رابطي ۾ رهيا، سندس اڳوڻي مڙس جا ڳجهي اداري سان لاڳاپا هئا، اهلڪارن ڪروڙين رپيا رشوت ورتي ان ڏس ۾ ڪراچي مان گرفتار منشيات فروش پنڪي جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منشيات ڪنٽرول ڪرڻ واري اداري جي آفيسرز ڪيترائي ڀيرا پنڪي جي گرفتار رائيڊرز کي رشوت وٺي آزاد ڪيو، پنڪي جو چوڻ آهي ته هوءَ درخشان، گزري، بوٽ بيسن ۽ ٻين ٿاڻن تي رشوت ڏيندي هئي،
پنڪي ڪيس ۾ ڪو جهول ناهي، مامرو عدالت وڃڻ ڏيو: آزاد خان
ڪراچي: ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان چيو آهي ته پراسڪيوشن ۾ خاميون آهن، جن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان طرفان پنڪي عرف انمول جي ڪيسن جي جاچ ۾ ڪو به جهول ناهي، جڏهن معاملو عدالت ۾ ويندو ته خبر پئجي ويندي،
پنڪي جو اڳوڻو مڙس منشيات وڪيل ڀائرن جي چيمبرز ۾ لڪائيندو هو
ڪراچي: پنڪي موجب سندس اڳوڻي مڙس جا ٻه ڀائر وڪيل طور ڪم ڪندا آهن، جڏهن ته پوليس کان بچڻ لاءِ اڳوڻو مڙس منشيات وڪيل ڀائرن جي چيمبرز ۾ لڪائيندو هو
“گردي ۾ تڪليف” : پنڪي پاران بيمار هجڻ جي دعويٰ: پوليس سرجن پاران معائنو
ڪراچي: ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي بيمار هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، منشيات ۽ قتل ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي چيو آهي ته کيس گردن جي بيماري آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار جي بيان بعد سندس ميڊيڪل به ڪرائي ڇڏيو آهي، عورت پوليس سرجن جوابدار انمول عرف پنڪي جو طبي معائنو ڪيو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ پڻ تيار ڪئي وئي آهي