پنڪي ڪيس جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ٽئين ڪميٽي قائم

پنڪي ڪيس جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ٽئين ڪميٽي قائم

ڪراچي: پنڪي ڪيس جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ٽئين ڪاميٽي به قائم، سي پي او ۾ پريس ڪانفرنس دوران ايڊيشنل آٰ جي ڪراچي آزاد خان ٻڌايو ته پنڪي پڇا ڳاڇا دوران وڏا  انڪشاف ڪياآهن، جنهن بعد هي معاملو وسيع ٿي ويو آهي. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو منهنجي (ايڊيشنل آئي جي ڪراچي) جي سربراهي ۾ اعلي سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي آهي. ڪاميٽي ۾  ڊي آءِ جي اولهه عرفان بلوچ، ڊي آءِ جي (اسپيشل برانچ) شيراز نظير، ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) غلام اظفر مهيسر ۽ ڊي آءِ جي (ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن) عامر فاروقي کي به شامل ڪيو ويو آهي. 2 ڪاميٽيون اڳ ۾ ئي ٺهيل آهن، هاڻي هي ٽئين ڪاميٽي ٺهي آهي