پنڪ اي وي ٽيڪسي عورتن  کي تحفظ جي احساس ڏيندي؛ شرجيل 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، اسان جي منصوبن کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ساراهيو آهي. پنڪ بس سروس ۾ ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر عورتون آهن، جنهن کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي وي بسون ۽ پنڪ اي وي اسڪوٽيز متعارف ڪرايون ويون. ڪالهه سنڌ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل ٽيڪسي سروس جي شروعات لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنڪ اسڪوٽيز اسڪيم شروع ڪرڻ وقت 160 عورتن وٽ لائسنس هئا، هن وقت 20 هزار عورتون لائسنس لاءِ درخواستون ڏئي چڪيون آهن، سنڌ حڪومت عورتن کي مفت اسڪوٽي ٽريننگ به فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنڪ اي وي ٽيڪسي جو مقصد عورتن ۾ تحفظ جي احساس کي هٿي ڏيڻ ۽ کين محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته اڄ عورتون فائر فائٽنگ جهازن جي پائلٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته جڏهن به گاڏين جي خريداري جي ڳالهه اچي ٿي ته سنڌ حڪومت جي ترجيح اي وي گاڏيون هونديون آهن. هن چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ اي وي گاڏين جو مينيوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي خواهش آهي، صنعتڪارن کي سيڙپڪاري لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گرين پاسپورٽ جي عزت جا ڪيترائي دعويدار هئا، پر ڀارت کي عبرتناڪ شڪست کانپوءِ سڄي دنيا ۾ گرين پاسپورٽ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪي معاملن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي. هن پي ٽي آءِ پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن جي  ڪا به ڳالهه قبول ناهي.