پنگريو (ن پ و) ٽائون ڪاميٽي پنگريو تي پ پ قيادت پاران چيئرمين لاءِ حسين بخش ٽالپر جو نالو لسٽ ۾ اچڻ کانپوءِ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي
وارڊ نمبر 2 تان ڪامياب پ پ ڪائونسلر ميرمحمد بخش ٽالپر جو نالو فائنل ٿيو ھو، جنھن کي شھرين اجرڪون پارايون ۽ ھن شھرين کي مٺائي کارائي ھئي
ميرمحمد بخش ٽالپر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته چيئرمين جو پارٽي اڳ ئي منھنجي نالي کي فائنل ڪيو ھو، قيادت سان رابطي ۾ آھيان، چيئرمين آئون ئي ٿيندس
ٻئي طرف حسين بخش ٽالپر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته پارٽي قيادت کيس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي پنگريو مقرر ڪيو آهي، 9جون تي فارم ڀرائيندس
واضع رھي ته محمد بخش ٽالپر ۽ زاھد ٽالپر پاڻ ۾ سڳاسئوٽ آھن. حسين بخش ٽالپر ٽائون جي ڪنھن به وارڊ تان ڪامياب ناهي ٿيل هن نوجوانن جي سيٽ تي فارم ڀرايو ھو، جتي سندس فارم مختلف سببن جي ڪري رد ٿي ويو ھو
نئين قانون موجب حسين بخش ٽالپر 6 مھينن ۾ پنگريو جي ڪنھن وارڊ تان الڪيشن وڙھي پنھنجي چيئرمين شپ برقرار رکي سگھندو
ياد رھي ته ٽائون ڪاميٽي پنگريو جا ٽي وارڊ آھن، وارڊ ھڪ تان مرزا گروپ جو گلزار ملاح وارڊ نمبر 2 تان پ پ جو محمد بخش ٽالپر ۽ وارڊ 3 تان پ پ جو ڊاڪٽر راجا ھيراڻي ڪامياب ٿيل آھن