پنگريو ۾ اوباش نوجوان کان تنگ شاگردياڻي پاران آپگهات جو چتاءُ

پنگريو ۾ اوباش نوجوان کان تنگ شاگردياڻي پاران آپگهات جو چتاءُ

بدين (رپورٽر) پنگريو شھر ۾ نجي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ  متاثر شاگردياڻي عروسا کوسو  پنهنجي والد حسين بخش کوسو ۽ ننڍڙي ڀيڻ ڪشش کوسو سان گڏ ايوان صحافت بدين پهچي احتجاج ڪيو، هن چيو ته مان 12هين جماعت جي شاگردياڻي آهيان، نجي اسڪول ۾ پڙهندي آهيان، هن الزام هڻندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اسڪول ويندي رستي ۾ اوباش نوجوان جنيد کوسو هراسان ڪري ٿو، 20 آگسٽ تي گٿا لفظ ڳالهايا، موبائل فون تي نه ڳالهائڻ تان تيزاب هاري ساڙڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، شاگردياڻي ۽ والد موجب چڱن مڙسن وٽ دانهن بعد جوابدارن گهر تي حملو ڪيو، جنهن بعد پنگريو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، پر پوليس جوبدارن کي گرفتار نٿي ڪري، شاگردياڻي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي  نه ڪئي وئي ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏينديس، مون سان انصاف ڪيو وڃي.