| پنگريي ويجهو نينگر کي نانگ ڪکي وڌو، ويڪسين نه ملڻ سبب فوت |
پنگريو (ن پ ا) پنگريو لڳ بسم ﷲ پور واسي سهيل آرائين جي معصوم پٽ 8 سالن جي سڪندر آرائين کي گھر جي تعمير لاء رکيل سرن ۾ ويٺل ڪاري نانگ ڪُکي وڌو ٻارڙي کي پنگريو صحت مرڪز آندو ويو پنگريو صحت مرڪز ۾ ويڪسين نه هئڻ ڪري کيس بدين نيو پئي ويو ته جسم ۾ زھر پکڙجي وڃڻ سبب ٻارڙو رستي ۾ فوت ٿي ويو اھڙي فوتگي جي خبر پوڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ھوڏانھن پنگريو ۽ آسپاس ٻن ھفتن دؤران ڪاري نانگ جي ڪکڻ سبب ھي ٽي فوتگي ٿي آهي پر صحت کاتي جي اختيارين ڪو به نوٽيس نه ورتو، نه ئي ڪاري نانگ جي ڏنگ جي زھر واري ويئڪسين پنگريو صحت مرڪز کي مھيا ڪئي وئي آهي.