| پنگريي ويجھو خانشاهه جي ميلي تي ٻيلهاڙو جا مقابلا |
پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان اولياء خانشاه جي 175 ھين عرس مبارڪ تي سنڌ جي مشھور راند ٻيلھاڙو جا مقابلا ٿيا، جنھن ۾ منظور ڀٽيءَ زاھد لنڊ سان، بجلي شيدي مختيار لنجواڻي سان، خالد خاصخيليءَ ذاڪر ملڪ سان، قاسم خاصخيليءَ لالا عرفان ڀٽيءَ سان، حسنين شاهه امين ڀرڳڙيءَ سان، وحيد دلواڻيءَ رجب پنھور سان، مکڙي شيديءَ حيبيب مگسيءَ سان، گُڏو ملاح رضوان پنجابيءَ سان، مصطفيٰ لنجواڻي معشوق شيديءَ سان، عاشق شيدي ءَ منور چانڊيو سان مقابلا ڪيا، جنھن ۾ تريون ھڻي مخالف پھلوان کي ڇنڊون ۽ جھلون ڪري خوب انعام حاصل ڪيو. ٻيلھاڙو راند ۾ جھل لاء ايندڙ پھلوان ترين تي ويٺل پھلوان کي جھل ڪرڻ لاءِ ٽي ڀيرا ڪوشش ڪندو آهي جھل ۾ ناڪامي جي صورت ۾ ترين تي ويٺل پھلوان ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي. وڏي انگ ۾ شريڪ ٻيلھاڙو راند جي شوقينن پير شفيع محمد شاهه، اسماعيل جمالي، چانڊو ريٻاري ۽ ٻين پھلوانن کي روڪ انعام سان گڏ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا جڏھن ته ميلي ۾ بازارن کي سينگاريو ويو ۽ جھولن تي ٻارن جي رش رھي.