| پنگريي ۾ اوباش، انٽر شاگردياڻي کي دوستي لاءِ تنگ ڪرڻ لڳا، ڌمڪيون |
پنگريو (ن پ ا) ٽائون ڪميٽي پنگريو جي وارڊ 2 جي رھواسڻ ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردياڻي عروسه کوسو اوباش ڇوڪرن پاران تنگ ڪرڻ خلاف پريس ڪلب پنگريو پھچي ويئي جتي ميڊيا اڳيان دانھيندي ٻارھين ڪلاس جي شاگردياڻي عروسه کوسو ۽ سندس پي پرائمري استاد حسين بخش کوسو چيو ته دوستي نه رکڻ تان جنيد کوسو ۽ سرفراز کوسو جان کان مارڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مائٽن سميت سڀني کي ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جنھن جي شڪايت کڻي پنگريو پوليس وٽ وياسين پر پنگريو پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران ڏٽا ڏئي رھي آهي. هن وس وارن کي انصاف لاء اپيل ڪندي ڪاروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ جو مطالبو ڪيو