پنگريي ۾ ڊيڪوريشن جي چئن دڪانن ۽ ڀانڊي کي باهه لڳي وئي

پنگريي ۾ ڊيڪوريشن جي چئن دڪانن ۽ ڀانڊي کي باهه لڳي وئي

پنگريو (ن پ ا) پنگريو شھر ۾ ڊيڪوريشن جي چئن دڪانن ۽ ھڪ ڀانڊي کي باھ لڳي وئي لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. رات دير سان گورنميٽ ھائي اسڪول پنگريو ڀرسان نور محمد کٽي جي ڊيڪوريشن جي چئن دڪانن ۽ ھڪ ڀانڊي کي بيٽري ڦاٽڻ سبب باھ وڪوڙي وئي جنھن جي نتيجي ۾ دڪانن ۽ ڀانڊي ۾ موجود گل شاميانه ڪناتون ٽيبل ڪرسيون صوفا جنريٽر سائونڊ سسٽم ۽ ٻيو سامان  سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو انھي سلسلي ۾ ڊيڪوريشن مالڪ نورمحمد کٽي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته  اطلاع ڏيڻ باوجود فائير برگيڊ جي گاڏي چار ڪلاڪ ليٽ پھتي جنھن ڪري دڪان ۾ موجود ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ سامان مڪمل سڙي ويو جڏھن ته باھ  جي شدت سبب دڪانن کي به وڏو نقصان رسيو آھي دڪانن جون ديوارون ڪري پيون آھن ۽ ڇتين جا گارڊر ۽ ٽيئر پڻ باھ جي شدت جي ڪري سڙي ڳري ختم ٿي ويا  آھن. جنھن سان سندس زندگي جي سڄي جمع پونجي باه ۾ سڙي ختم ٿي وئي آه ھن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مدد جي اپيل ڪئي