پنھنجو ڪالم … ارڙي ۽ ويڪسين جو عالمي ھفتو … طارق عزيز شيخ

                 ارڙيءَ جي وبا سبب سنڌ ۾ ھيستائين 25 کان وڌيڪ ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. هڪ طرف سڄي دنيا ۾ ارڙيءَ جي شرح گھٽ ٿيندي پئي وڃي. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ اهو به وري سنڌ ۾ ارڙيءَ جي وبا وڌندي پئي وڃي. سڄي دنيا ۾ ارڙيءَ جي شرح 71 سيڪڙو ختم ٿي چڪي آهي. باقي 29 سيڪڙو رهجي وئي آهي. جنهن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، هندستان، نائيجيريا ۽ ڏکڻ آفريڪا جھڙا شامل آهن. هيءَ وبا تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ٻارڙن جي ويڪسينيشن ۾ لاپرواهي ٿئي، نه ته ٻيو ڪو سبب ئي ناهي. اسان جي ماڻھن کي ويڪسين جو تڏھن ھوش اچي ٿو، جڏهن سندن ٻارڙن کي اھا بيماري لڳي ٿي ۽ ڳالھہ سندن وس کان ويندي نظر ايندي آهي. اڄڪلهه سنڌ جي جھر جھنگ ۾ تعليم عام آھي ۽ سرڪاري سطح تي ارڙيءَ سميت سمورين بيمارين جي آگاهي مھم ھلندي رھي ٿي، پوءِ به والدين ٻارڙن کي وقت سر ٽڪا نٿا لڳرائين. مون فقط ھڪ مھيني جي اخبارن تي نظر ڦيرائي آھي ته ھيٺ ڏنل خبرون گڏ ٿي ويون:

                 ڪنڊيارو: هڪ هفتي دوران ارڙي وگهي 3 ٻارڙا فوت ٿيا. جهنڊو مري: ٻن مهينن دوران 4 ٻارڙا فوت، ڳوٺ عبدالرسول بلوچ ۾ 2 ورهين جي نياڻي لالي فوت. رام ڪالوني ڊگھڙي ۾ ارڙيءَ وگھي فوتي ٻارڙن جو انگ چار ٿي ويو آهي. پني عاقل ۾ ارڙي وگھي چئن ورھين جي معصوم ٻارڙي فوت، ڳوٺ ھاليجوي جي بينظير ارڙي وگھي سکر جي اسپتال ۾ دم ڏنو. خواجه محله جاتي جي رهواسڻ 5 سالا سميرہ ڌيء شڪيل سميجو ارڙي وگھي بدين اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي. بلڙي شاھ ڪريم ۾ ارڙيءَ جي وبا منھن ڪڍيو. گلن جھڙو معصوم ٻارڙو طفيل حسين ولد حبدار علي مگسي ارڙيءَ وگھي فوت ٿي ويو آھي. جڏھن ته تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪافي ارڙيءَ جي وبا جا ڪيس ظاھر ٿيڻ جا اطلاع آهن پر صحت کاتي ڪي به جوڳاء اپاء ناھن ورتا. رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعدو جتوئي ۾ هڪ سال جو رياست ولد صداقت علي ء وقاص ولد وقار علي ڊونگائي جتوئي ارڙيء وگهي فوت ٿي ويا، ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙيء ۾ ورتل صحت کاتي نوٽيس نه ورتو. ڪنڊياري جي ڳوٺ خميسو عطار ۾ ٻارڙو ارڙيءَ سبب فوت ٿي ويو. نئون ديرو: 3 ڏينهن دوران 3 ٻارڙا فوت.

سنڌ ۾ هن وقت سوين ٻارڙا ارڙيءَ جي وبا ۾ مبتلا آهن ۽ سرڪاري اسپتالن جي رحم ڪرم تي آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيڻ وارن ٻارڙن جو وڏو تعداد ننڍڙن ٻارڙن يعني هڪ ڏينهن کان وٺي 5 ورهين تائين وارن ٻارڙن جو آهي. ارڙيءَ جي بيماري پکڙجڻ تي سڄي سنڌ جون اخبارون ۽ ٽي وي چينلن دانهون ڪري معاملو اٿارين پيا، پر افسوس جو تڪڙا قدم ڪونه کنيا ويا. اڃا شروعات آھي ۽ ھاڻي به حڪومت ارڙيءَ کي ڪنٽرول ڪري ته ھن بيماريءَ ۾ ورتل ٻارڙا بچي سگھندا. سنڌ حڪومت کي اهڙي سنجيده مسئلي تي ايمرجنسي پلان ڊڪليئر ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڏينهن رات ارڙيءَ خلاف مهم هلائي وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. ان حوالي سان والدين به غفلت ڪري رھيا آھن، جيڪڏهن ڪنھن سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي اڻهوند آهي يا علاج نٿو ٿي سگهي ته ٻارڙن کي نجي اسپتالن ۾ کڻي وڃڻ گھرجي ته جيئن ٻارڙن جي زندگي بچائي سگھجي. جن والدين کي ارڙيءَ جون علامتون ٻارڙن ۾ نظر اچن کين بنا دير اسپتال ڏانهن رخ رکڻ گهرجي. نئين ڄاول ٻار وٺي ٻارن جي ويڪسين ڪرائين يا وري جڏهن ڪي گرمي داڻا جسم نڪرن ته گھريلو ٽوٽڪن بدران ڊاڪٽر وٽ ٻار کي کڻي وڃڻ گھرجي.

هيءَ بيماري تڏهن مُنهن ڪڍندي آهي، جڏهن ان جي ويڪسينيشن نه ٿيندي آهي. ويڪسينيشن جا فقط ٻه ڊوز ٿيندا آهن. هڪڙو 8 مهينن کان 12 مهينن ۾ لڳندو آهي ٻيو 4 ورهين کان 5 ورهين تائين لڳندو آهي. ويڪسين جي وڏي اھميت آھي، ان کان والدين کي غافل نه رھڻ کپي.

 تازو ئي 24 اپريل کان ڪالھ 30 اپريل 2026 تائين (گذريل خميس تائين) ويڪسين جي حوالي سان عالمي ھفتو ملھايو ويو. اقوام متحده جي ٻن ادارن يونيسيف ۽ ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشن جي سهڪار سان “حفاظتي ٽڪن جو عالمي هفتو” رڳو هڪ مهم نه ھئي پر ٻارڙن جي صحت لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پر ان حوالي سان ڪا اثرائتي آگاهي مھم نه ھلائي وئي. خاموشيءَ سان حفاظتي ٽڪن جو عالمي ھفتو گذري ويو.

 هن مهم کان اڳواٽ غريب ملڪن ڏانهن صحت واري عالمي اداري پاران وڌ کان وڌ دوائون موڪليون ويون هيون، ته جيئن ڪا کوٽ نه رھجي وڃي. آگاھي مھم جو بنيادي مقصد ماڻهن ۾ ويڪسين جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور تي ٻارن کي خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻائڻ واريون دوائون لڳائڻ ھو.

حفاظتي ٽڪا انساني تاريخ جي انهن وڏين طبي ڪاميابين مان آهن، جنهن جي ڪري لکين جانيون بچايون ويون آهن. ويڪسين ذريعي اهڙين بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو، جيڪي اڳي وبائي صورت اختيار ڪري جاني نقصان جو سبب بڻجنديون هيون. معصوم ٻارڙن جي والدين کي گهرجي ته پنھنجن معصوم گلڙن جھڙن ٻارن کي ابتدائي ٽڪا لازمي لڳرائين، جنهن ۾ 13 مختلف موذي مرضن کان بچاء جا ٽڪا ھوندا آھن. ٻارڙن پيدائش کان وٺي 15 مھينن تائين ٽي بي، ھيپاٽائيٽس، دست، سھڪو، گردن ٽوڙ بخار، نمونيا مدي جي بخار، وڏي کنگھ، پوليو، خناق، ڳلي جي بيمارين، جھٽڪن ارڙيءَ ۽ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءَ جا ٽڪا شامل آهن.

 اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويڪسين جي کوٽ يا آگاهي جي گهٽتائي سبب ٻار انهن بيمارين جو شڪار ٿين ٿا، جيڪي سولائيءَ سان روڪي سگهجن ٿيون۔ ان عالمي هفتي دوران حڪومتن، صحت جي ادارن ۽ سماجي تنظيمن پاران مختلف مهمون هلايون وڃن ٿيون ته جيئن ماڻهن تائين ويڪسين جي اهميت جو پيغام پهچايو وڃي. خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪرڻ، موبائل ٽيمون موڪلڻ ۽ والدين کي قائل ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آهي ته هو پنهنجن ٻارن جي مڪمل ويڪسينشن ڪرائين.

والدين جو ڪردار هن حوالي سان انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻارن  صحت بابت سنجيده ٿين ۽ وقت سر حفاظتي ٽڪا لڳرائين، ته نه رڳو سندن ٻار محفوظ رهندا پر سڄو سماج به بيمارين کان بچي سگهندو۔